STORIES for CHILDREN by Sister Farida(www.wol-children.net) |
|
Home عربي |
Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 056 (God forgets no one 4) This page in: -- Albanian -- Arabic? -- Armenian -- Aymara -- Azeri -- Bengali -- Bulgarian -- Cebuano -- Chinese -- English -- Farsi -- French -- Fulfulde -- German -- Greek -- Guarani -- Hebrew -- Hindi -- Indonesian -- Italian -- Japanese -- Kazakh -- Korean -- Kyrgyz -- Macedonian -- Malagasy -- Malayalam? -- Platt (Low German) -- Portuguese -- Punjabi -- Quechua -- Romanian -- Russian -- Serbian -- SINDHI -- Slovene -- Spanish-AM -- Spanish-ES -- Swedish -- Swiss German? -- Tamil -- Turkish -- Ukrainian -- Urdu -- Uzbek
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو 65. خدا ڪنهن کي نہ ٿو وساري 4یوسف انتظار ڪندو رهو۔ هڪ هفتو ٿِي ويو، وري هڪ ٻيو هفتو ٿِي ويو۔ هڪ مهينو۔ ٻہ مهينا۔۔۔۔۔۔۔ ۽ وڌيڪ وقت گذري ويو ۽ يوسف سوچيو: يوسف: ”منهنجي ڪا بہ غلطي ناهي، پر تڏهن بہ مان قيد ۾ آهيان۔ ڇالاءِ ڪو مون کي هتان ٻاهر نہ ٿو ڪڍي؟“ هڪ قيدي جيڪو آزاد ٿيو هو، هن وڃڻ وقت يوسف سان واعدو ڪيو تہ هو فرعون سان يوسف بابت ڳالهہ ڪندو۔ پر هو يوسف بابت سڀ ڪجھہ وساري ويٺو۔ ان کان پوءِ ٻہ وڏا سال گذري ويا۔ پر هڪ ٻيو بہ هو جنهن يوسف کي نہ وساريو هو۔ خدا۔ هن يوسف سان واعدو ڪيو هو تہ هو هڪڙو وڏو حڪمران ٿيندو۔ ۽ هاڻي خدا پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ شروع ڪيو۔ فرعون خواب ڏٺو۔ پر ڪو بہ هن کي اهو نہ ٻڌائي سگھي ٿو تہ خواب جو مطلب ڇا آهي۔ هو پريشان ٿي ويو۔ پوءِ هن نوڪر کي جيڪو فرعون جي خدمت ڪندو هو اوچتو ڪجھہ ياد آيو۔ نوڪر: ”مان هڪ اهڙي ماڻهون کي سڃاڻان ٿو جيڪو خوابن جي تعبير ٻڌائي سگھي ٿو۔ يوسف۔ هو قيد ۾ آهي پر هو مجرم ناهي۔ مان هن جي باري ۾ ماڳين وساري ويٺو هيس۔“ فرعون: ”جلدي هن کي منهنجي اڳيان آندو وڃي۔“ فرعون جو حڪم پورو ڪيو ويو۔ يوسف مصر جي حڪمران جي اڳيان پيش ٿيو ۽ کيس سجدو ڪيو۔ فرعون: ”مون ٻڌو آهي تہ تون خوابن جي تعبير ٻڌائي سگھين ٿو۔“ يوسف: ”عظيم فرعون، اهو آئون نٿو ڪري سگھان، پر خدا ڪري سگھي ٿو۔“ فرعون: ”مون خواب ۾ ڏٺو تہ آئون نيل دريا جي ڪناري تي بيٺو آهيان۔ پاڻي مان ست ٿلهيون ڳئون نڪتيون جن کي ست ڏٻريون ڳئون ڳڙڪائي ويون۔ پوءِ مون ڏٺو تہ هڪڙي ڪاني مان انَ سان ڀريل ست ٿلها ۽ سٺا سٺا سنگ نڪتا جن کي ست سنهڙا سنگ ڳڙڪائي ويا۔ ان جو ڇا مطلب آهي؟ ڇا تون ٻڌائي سگھين ٿو؟“ يوسف: ”خدا توهان کي ٻڌايو آهي تہ ست سال وڏي برڪت وارا هوندا۔ مصر ۾ تمام سٺي فصل ٿيندي۔ پر ان کانپوءِ ست سال ڏڪار جا هوندا۔ جنهن ۾ ڪا بہ شيءِ نہ ٿيندي۔ ۽ هي ضرور ٿيندو۔ سڀ کان سٺو طريقو اهو آهي تہ هڪڙو عقل مند ماڻهو ڳوليو وڃي جيڪو برڪت وارن سالن ۾ انَ گڏ ڪري سگھي تہ جيئن ماڻهو ڏڪار وارن ست سالن ۾ بکيا نہ رهن۔“ اها مشورو فرعون کي سٺو لڳو۔ فرعون: ”يوسف تون ئي اهو ماڻهو آهين۔ خدا تون سان گڏ آهي۔ مان توکي پنهنجو مددگار چونڊان ٿو۔ مصر ۾ هر ڪنهن کي تنهنجي ڳالهہ مڃڻي پوندي۔“ انهيءَ طريقي سان يوسف ان ملڪ ۾ بادشاهہ کانپوءِ سڀ کان وڏو ۽ طاقتور حڪمران بڻجي ويو! هن لاءِ ان ڳالهہ تي يقين ڪرڻ مشڪل هو۔ خدا هن کي وساريو نہ هو، جڏهن تہ ائين ڏسڻ ۾ نہ پي آيو هو۔ هن جا ڀائر هن سان نفرت ڪندا هئا، هو غلام ٿيڻ لاءِ وڪيو ويو، ۽ پوءِ قيد ۾ وڌو ويو، جڏهن تہ هن ڪو ڏوهہ بہ نہ ڪيو هو۔ مون اندازو لڳايو آهي تہ يوسف ڏهن سالن تائين مصيبتن کي منهن ڏيندو رهيو۔ ان مان توهان کي همت ملندي۔ خدا ڪنهن کي بہ نٿو وساري۔ توهان کي بہ نہ۔ ان تي يقين ڪريو ۽ پنهنجي زندگي ۾ ان تي ڀروسو ڪريو۔ توهان حيران ٿيندا تہ خدا يوسف جي ذريعي ڇا ڇا ڪيو۔ ان ڪري توهان لاءِ ضروري آهي تہ توهان ايندڙ ڊرامي کي ٻڌو۔ ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، يوسف، نوڪر، فرعون ynamreG FEC :thgirypoC © |