Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 004 (Prayers can cause miracles)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

4. دعائون معجزن جو سبب بڻجي سگهن ٿيون


رستا مٽِي سان ڀريل هئا، سج جي گرمي ڏاڍِي تيز هوئي۔ تڏهن بہ هڪ خيرات گھرڻ وارو رستي جي پاهي ويهي رهيو۔ جڏهن بہ ڪو وجھي سان مٽڌو هو تہ هُو هٽ وڌائي هن سان خيرات گھرندو هو۔

بارتمائِي: ”منهنجي مدد ڪريو! مون کي پيسا ڏيو۔“

ڪجه ماڻهن کي بارتمائِي تي ترس آيو، ٻين اُنهي کي نظرانداز ڪيو۔

هڪ ڏنهن ايئن پي لڳو ڄڻ يريحو شهر جو هر ماڻهو رستن تي نڪري آيو هجي۔

بارتمائِي: ”هي ڇا ٿِي رهيو آهي؟“

مرد: ”خدا جو پٽ يسوع انهي پاسي اچي رهيو آهي، جيڪو سب کان پيار ڪري ٿو ۽ بيمارن کي ٺيڪ ڪري ٿو ۽ موئلن کي جيئرو پڻ ڪري ٿو۔“

انڌي بارتمائِي کي ٺيڪ ٿيڻ جي اميد ملي وئي۔ ڇا مسيح هن جي ٻڌندو؟

بارتمائي زور سان آواز ڏئِي يسوع کي سڏ ڪيو۔

بارتمائي: ”يسوع ڇا اوهان منهنجي مدد ڪندا؟ مون تي رحم ڪريو۔“

يسوع جي پٺيان جيڪي ماڻهو هئا، انهن مان ڪي تنگ ٿِي بارتمائي کي ڇڙٻ ڏنِي ۽ منع ڪيائين۔

مرد: ”ماٺ ڪر بارتمائي ۽ هتان هليو وڃ، نہ تہ۔۔۔۔۔۔۔“

ڇا مسيح کي سڏڻ منع آهي؟ جي نہ، بالڪل نہ!

بارتمائي ماڻهن جي ڳالهہ نہ مڃي۔ پر هو اڃان بہ زور سان يسوع کي سڏڻ لڳو۔

بارتمائي: ”يسوع منهنجي مدد ڪريو!“

يسوع تہ سڀ جو آواز ٻڌندا آهن۔ هو توهان جي دعا پڻ ٻڌندا آهن۔

بائبل ۾ لکيل آهي تہ يسوع بيهي رهيو ۽ حڪم ڏنائين:

يسوع: ”هن انڌي کي مون وٽ وٺي اچو!“

۽ پوءِ بارتمائِي خدا جي پٽ يسوع جي سامهون بيهي رهيو۔ بارتمائي يسوع کي ڏسي تہ ڪين سگھيو پر يسوع جي ويجھي وڃي سڪون ۽ حفاظت محسوس ڪئِي پي۔ بارتمائي يسوع جي همدرد آواز ٻڌِي۔

يسوع: ”تون ڇا ٿو چاهين جيڪو آءٌ تنهنجي لاءِ ڪريان؟“

بارتمائي کي يسوع جي سوال جي جواب ڏيڻ ۾ وڌيڪ دير نہ لڳي۔ ۽ جيڪا بارتمائي جي سب کان وڏي ضرورت هئي هن اهائي دعا گھري:

بارتمائي: ”خداوند، منهنجي خواهش آهي تہ آءٌ ورِي ڏسي سگھان۔“

يسوع هن جي خواهش ٻڌي۔

يسوع: ”ٺيڪ ٿِي وڃ! ڇوتہ تنهنجو ايمان مون تي آهي، آءٌ تون کي شفا ڏيندس۔“

بارتمائي انهي وقت ڏسڻ لڳو۔ بارتمائي انهي کي ڏٺو جنهن هن جي دعا ٻڌي جواب ڏنو هو۔

هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ انهي وقت يسوع جي پٺيان هلي نڪتو ۽ پوري دل سان يسوع تي ايمان آندو۔

بائبل مقدس ۾ خدا اسان کي سيکاري ٿو تہ:

”پنهنجي مصيبت ۾ مون کي پڪاريو، تہ آءٌ اوهان کي آرام ڏندس ۽ توهان مون کي مبارڪ چوندا۔“


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، بارتمائي، مرد، يسوع

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 27, 2025, at 09:35 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)