Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 002 (The storm rages)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

2. طوفان جو اٿڻ


اچتو طوفان آيو (آوازون: طوفان، بادلن جو گوڙ، برسات)۔

ڇوليون ٻيڙيءَ سان ٽڪرائڻ لڳيون ۽ ٻيڙي کي هيڏان هوڏان لوڏائڻ لڳيون۔

طوفان ڏاڍو خطرناڪ هو۔ ٻيڙيءَ ۾ ويٺل ماڻهن ٻيڙيءَ کي قابو ڪري جھلي ورتو۔ ۽ هو سڀيئي مرد ڏاڍا ڊڄي ويا ڇو تہ هنن کي خبر هوئي تہ گليل ڍنڍ ۾ طوفان ڪيترو خطرناڪ آهي۔ هڪ ڀيري وري هڪ ڇولي ٻيڙيءَ سان اچي لڳي۔ طوفان وڌيڪ وڌي ويو ۽ ڍنڍ ۾ پهرين کان وڌيڪ شور ٿيو۔

ڇا هو سڀ بچي ويندا؟

ٻيڙيءَ ۾ ڪجھ ماڻهون مڇيون جھلڻ وارا هئا۔ انهن اهڙا ڪئي طوفان اڳي بہ ڏٺا هئا۔ پر هي هوا ايتري تيز هوئي جو انهن ان کان پهرين ايترو وڏو ۽ خطرناڪ طوفان ڪانہ ڏٺو هو۔

شاگرد: ”مدد ڪريو! اسان ٻڌون ٿا!“

جڏهن هو پنهنجي جان بچاڻ لاءِ لڳا پيا هئا، تڏهن يسوع پويان ٻيڙيءَ ۾ ستل پيو هو ۽ آرام پي ڪيو!

جڏهن طوفان گھڻو وڌي ويو تڏهن هو ڀڃي يسوع وٽ ويا ۽ رڙيون ڪري چوڻ لڳا:

شاگرد: ”يسوع جي اسين ٻڏي وڃون تہ ڇا اوهان اسان جي مدد نہ ڪندا؟ اوهان کي اسان جي مدد ڪرڻ گھرجي! اسان ٻوڏي ويندا سون!“

اوهان ڪنهن کي سڏيندا آهيو جڏهن اوهان جي زندگي جي ٻيڙيءَ ۾ خوف ۽ پريشاني واريون ڇوليون ٽڪرائينديون آهن۔

يسوع سڀني جو مالڪ آهي۔ هو اُٿي ٻيٺو ۽ هوا کي سڏيو۔

يسوع: ”ماٺ ٿي! بند ٿي وڃ!“

هڪدم سان هوا بند ٿي وئي ۽ ماٺ ٿي وئي۔ سڀ ڪجھ ائين ٿي ويو جئين ڪو طوفان آيو بہ نہ هو۔

شاگرد هن معجزي کي ڏسي حيران ٿي ويا۔

شاگرد: ”ڪير آهي هي يسوع؟ جو هوا ۽ ڇوليون بہ کيس حڪم مڃن ٿيون!“

يسوع مالڪ آهي: هو طرح جي قدرت جو مالڪ آهي ۽ بيمارين ۽ سڀ بدروحن تي بہ انهي جو اختيار آهي۔ ۽ يسوع ئي موت تي پڻ اختيار رکي ٿو۔

ڪوبہ انهي جيڙو ناهي، ۽ ڪوبہ اهڙا ڪم نٿو ڪري سگھي جيڙا ڪم هن ڪيا۔

يسوع: ”ڪٿي آهي اوهان جو ايمان؟ اوهان ڇو ڊڄو ٿا؟“

انهن کي پاڻ سان بہ ساڳيو سوال ڪرڻ گھرجي جيڪو يسوع انهن سان ڪيو۔

يسوع اوهان جي زندگي ۾ ايندڙ ڇوليون جو مالڪ آهي۔

هن سان ڳالهہ ڪريو ان ڇوليون جي باري ۾ جيڪو اوهان جي اسڪول ۾ ضرورتن، مشڪلاتن، ۽ پريشانين جون ڇوليون آهن، ۽ بيمارين جي ڇوليون جي باري ۾ بہ۔

يسوع ئي مالڪ آهي، انهي لا۽ ان کان ڊڄو نہ، پڻ انهي تي ڀروسو رکو۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ وارِي، شاگرد، يسوع

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 27, 2025, at 09:35 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)