STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 135 (The schedule 3)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

531. شيڊول 3


(ٽريفڪ جو شور)

ڇوڪرو: ”زمانو شاگرديءِ وارو حصو ٻيو: چالان۔“

(فتح صور جوآواز)

خوشي ملهائي وئي۔ هٿيارن سان نہ پر خدا شهر جي ديوارن کي ڪيرايو جڏهن انهن نرسنگھا وڄايا۔ اسرائيلين سان گڏ خدا هو انهي ڪري هو جلد ئي سڄي علائقي کي فتح ڪري وٺندا هئا۔ جنگ جيتڻ وارن خوشي ملهائي۔ پر هڪ ماڻهو خاموشي سان پنهنجي تنبُو ۾ لِڪي ويٺو هو۔ بلڪل ايئن جيئن ڪو ٽريفڪ جي قانونن کي ٽوڙيندڙ ڄاڻي ڪرِي خدا جي نشاني ”چوري نہ ڪر“ جي خلاف ورزي ڪري رهيو هجي۔

خدا چيو: ”ڊپ نہ ڪر۔ هي شهر تنھنجو آھي۔ پر تون منهنجي حڪمن کي مڃ: لُوٽ جي مال مان ڪو بہ پنهنجي لاءِ ڪجھہ نہ وٺي۔“

خدا هميشہ جڏهن ڪو حڪم ڏئي ٿو تہ ان کي پورو ڪرائي ٿو۔ پر عڪن ان جي ڳالهہ کي گھڻي سنجيدگي سان نہ ورتو۔

عڪن: ”هي مونکي يريحو شهر جي لُوٽ جي مال ۾ ڇا نظر اچي رهيو آهي؟ بابل جي هڪ قيمتي چادر! سون ۽ چاندي! مان هي ائين نٿو ڇڏي سگھان۔ ڪو بہ ڏسي نہ رهيو آهي، کڻي وٺان ٿو۔“

ڪنهن بہ ريڊار هن جي اها حرڪت نہ ڏٺي، پر خدا جي ڪيمري سڀ ڪجھہ ڏسي ورتو۔ خدا جي اک عڪن کي ڏسي رهي هئي ايتري قدر جو جڏهن هن پنهنجي تنبُو ۾ سڄو خزانو لڪايو۔

۽ هاڻي اڳيون شهر فتح ڪرڻو هو۔ جاسوس سٺي خبر کڻي آيا۔

جاسوس: ”يشوع، عي هڪ ننڍو شهر آهي۔ 0003 فوجي ان کي آساني سان هارائي سگھن ٿا۔“

پر هو پاڻ هارجي واپس آيا۔ ۽ جڏهن هو شهر کان پري ڀڄي رهيا هئا تہ انهن جا 63 ماڻهو بہ مارجي ويا۔ يشوع خدا جي اڳيان رويو۔

يشوع: ”اي خداوند هي ڇو ٿيو؟ تون اسانجي مدد ڇو نہ ڪئي؟“

خدا هن جي سوال جو جواب ڏنو۔

خدا: ”تون غلط آهين۔ ڪنهن چوري ڪئي آهي، پهرين ان کي حل ڪر پوءِ مان توهان جي مدد ڪندس۔“

پوءِ سڀ ڪجھہ ظاهر ٿي ويو۔ عڪن پنهنجي غلطي قبول ڪئي۔

هڪ ماڻهو گناهہ ڪيو ۽ باقي سڀني کي بہ مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو۔ ائين اڪثر ٿيندو آهي، جيئن ڪو ڳاڙهِي بتي ڏسندي بہ گاڏي هلائيندو رهي ٿو ۽ ڪنهن کي ٽڪر هڻي ٿو ۽ انهن کي بہ مارِي ڇڏي ٿو۔

ٽريفڪ قانونن کي ٽوڙيندڙن کي جرمانو ادا ڪرڻو پوندو آهي۔ پر اسان خدا کي جرمانو ادا نٿا ڪري سگھون۔ هو انصاف ڪندڙ خدا انهن ماڻهن کي موت جي حوالي ڪري ٿو جيڪي ان جي حڪمن کي نٿا مڃن۔

عڪن کي بہ پٿر هڻي هڻي هڪ ويران وادي ۾ ماري ڇڏيو۔

هاڻي ڌيان سان ٻڌو! انصاف ڪندڙ خدا محبت جو خدا بہ آهي۔ جيڪو سزا مونکي ۽ توهان کي ملڻ گھرجي ها، ان جو جرمانو يسوع ادا ڪري ڇڏيو جڏهن هن صليب تي جان ڏني۔ جيڪڏهن توهانجو يسوع تي ايمان آهي، جيڪو توهانجي خاطر مريو ۽ وري جي اٿيو، تہ خدا توهانجو ”چالان“ ڦاڙي اُڇلائي ڇڏيندو۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ڇوڪرو، خدا جي آواز، عڪن، جاسوس، يشوع

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 31, 2025, at 03:29 PM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)