Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 126 (So close – and yet so far)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
621. تمام ويجهو، پر اڃا تمام پري
مرد: ”ڪاش مون وٽ هي هجي ها، هي جيڪا بہ شيءَ آهي۔ مون وٽ ڪنهن شيءِ جي ڪمي آهي۔ مان دنيا ۾ ان کي ڪئين حاصل ڪري سگھان ٿو؟“
امير نوجوان حڪمران جي زندگي ۾ ڪنهن شيءِ جي ڪمي هئي۔ ڪنهن بہ هن تي غور نہ ڪيو۔ هو ڪامياب هو، خوبصورت ۽ تمام گھڻو امير هو۔
پر ڪنهن شيءِ جي ڪمي هئي۔ هو بہ اهو ڄاڻندو هو۔ ڇا هي اها شيءَ ٿي سگھي ٿي جنهن جي ڪمي توهان جي زندگي ۾ بہ آهي؟ هو ان جي ڪري تمام بي چين هو۔ هو ان کي ڪيئن حاصل ڪري سگھي ٿو؟
يسوع کي ان جو جواب خبر هئڻ گھرجي۔
مرد: ”اي سٺا استاد، مون کي هميشہ جي زندگي لاءِ ڇا ڪرڻو پوندو؟“
هي اها شيءَ هئي جنهن جي ڪمي هئي۔ هميشہ جي زندگي جيڪا يسوع تي ايمان آڻڻ سان شروع ٿيندي آهي ۽ آسمان تي بہ جاري رهندي آهي انسان جي مرڻ کان پوءِ بہ۔ هو اها چاهيندو هو۔
يسوع: ”جيڪڏهن تون هميشہ جي زندگي چاهين ٿو، تہ حڪمن تي عمل ڪر: چوري نہ ڪر، زنا نہ ڪر، ڪوڙ نہ ڳالهاءِ، پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر۔“
مرد: ”مون پنهنجي سڄي زندگي انهن حڪمن تي عمل ڪيو آهي۔“
ڇا توهان بہ پاڻ کي ان قابل سمجھو ٿا تہ توهان بہ هي جواب ڏئي سگھو ٿا؟
يسوع: ”تہ پوءِ جيڪو ڪجھہ تون وٽ آهي اهو وڪڻي ۽ سڀ ڪجھہ غريبن ۾ ورهائي۔ ۽ منهنجي پويان هل۔“
جڏهن امير ماڻهو هي ڳالهہ ٻڌي، تہ هو پريشان ٿي ويو، ڇو تہ هو تمام گھڻو امير هو۔ هو اداس ٿي واپس هليو ويو۔ ان لاءِ يسوع ۽ هميشہ جي زندگي کان وڌيڪ اهميت ان جي پئسن جي هئي۔
ڇوڪرِي: ”ڇا ڪو شخص اهڙو ٿي سگھي ٿو جو امير بہ رهي ۽ يسوع جي پويان بہ هلي؟“
ها ڇو نہ۔ سوال اهو ئي آهي: تہ پهريون درجو ڪنهن کي ڏجي؟ اچو تہ هڪ تجربو ڪريون۔
ڇوڪرِي: ”هي ميڻ بتي ڇا لاءِ آهي؟“
مان ميڻ بتي کي يسوع سان ملائي رهي آهيان، جيڪو دنيا جو نور آهي۔
ڇوڪرو: ”ڇا مان ان کي ٻاري سگھان ٿو؟“ (ماچس ٻرڻ جي آواز)
ڇوڪرِي: ”هي صاف ڏيکاريو پيو وڃي تہ هي ڪيئن ٻرندي آهي۔“
ڇا ٿيندو جيڪڏهن مان 001 جو نوٽ ان جي اڳيان ڪريان؟
ڇوڪرِي: ”پئسن سان روشني رڪجي ويندي۔“
ڇوڪرو: ”مون کي سمجھہ اچي وئي! پئسو ان لاءِ وڌيڪ اهم هو، ۽ يسوع بعد ۾۔“
ڇوڪرِي: ”ان جي ڪري هو يسوع کان پري ٿي ويو۔“
ان جو ٻيو رخ بہ ٿي سگھي ٿو۔ هاڻي مان نوٽ کي ميڻ بتي جي پٺيان پڪڙيندس۔
ڇوڪرو: ”هاڻي يسوع پهريان آهي ۽ پئسن تي روشني پئجي رهي آهي۔“
توهان ڏٺو تہ شين جي اهميت جي ترتيب ڪيتري ضروري آهي؟ امير نوجوان حڪمران جي زندگي ۾ پئسن جي اهميت پهرين درجي تي هئي۔ ان جي ڪري، جلد ئي اسان کي پتو پيو تہ هو آسمان جي بادشاهي کان ڪڍيو ويو۔
هي تمام افسوس جي ڳالهہ آهي تہ ان جي ڪهاڻي هن طرح ختم ٿي۔
مان اميد ڪريان ٿي تہ يسوع سان گڏ توهان جي زندگي هن طرح ختم نہ ٿيندي۔ پنهنجي زندگي ۾ هميشہ ڳوليو تہ ڇا ڪڏهن توهان جي زندگي ۾ ڪا اهڙي شيءِ آهي جيڪا يسوع کان بہ وڌيڪ اهميت رکي ٿي۔
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، مرد، يسوع، ڇوڪرِي، ڇوڪرو
ynamreG FEC :thgirypoC ©