STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 101 (Well-hidden 1)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

101. چڱيءَ طرح لڪايو ويو 1


پيٽرڪ خوشيءَ سان ٻارن سان گڏ رهيو۔ اسان کي کل آئي جڏهن هن چيو: منهنجو هڪ ٻار هو۔

گھڻا سال اڳ مصر ۾، مريم تمام خوش هئي ڇو تہ هن جو هڪ ڀاءُ هو۔ هوءَ تمام سهڻو هو! پر مريم هن جي باري ۾ ڪنهن کي بہ ڪجھہ ٻڌائي نہ سگھندي هئي۔ فرعون جي ظالم واري حڪم جي ڪري هن جي ماءُ کي انهي ٻار کي لڪائڻو پيو۔

فرعون: ”اسرائيلين جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي۔ مون کي ڊپ آهي تہ اهي اسان جا دشمن ٿي ويندا۔ مان پنهنجن ماڻهن کي حڪم ٿو ڏيان: جڏهن بہ ڪو اسرائيلي عورت پُٽ ڄڻي، توهان ان کي فوري طور تي نيل درياءَ ۾ اڇلي ڇڏجو۔“

قتل ڪرڻ جو دهشتناڪ حڪم! ڇا اهو ڪافي نہ هو تہ فرعون اسرائيلي ماڻهن کي مجبور ڪيو تہ هو سندس غلام بڻجن؟

پر هڪ ننڍڙي ٻار جي والدين خدا تي ڀروسو رکيو ۽ پنهنجي پٽ کي ٽن مهينن تائين لڪائي رکيو۔ ۽ خدا جو اڻ ڏٺو هٿ ننڍڙي ٻار جي حفاظت ڪندو رهيو۔ پر جيئن جيئن هو وڏو ٿيندو ويو انهن لاءِ انهي کي لاڪائڻ وڌيڪ مشڪل ٿي ويو۔

مريم: ”امان، توهان ڪانن سان ڇا ٺاهي رهيا آهيو؟“

ماءُ: ”مان هڪ ٽوڪري ٺاهي رهي آهيان۔ بس ٺهي وئي هاڻي ماڳي بند ڪرڻي آهي۔ ڇا تون مون کي رال ۽ ڏامر وارو ٿانون ڏئي سگھندين؟“

مريم: ”توهان کي اهو ڇا لاءِ گھرجي ٿو؟“

ماءُ: ”تہ جيئن ٽوڪري ۾ پاڻي نہ وڃي۔ مريم، اسان کي پنهنجي قيمتي خزاني کي پري ڪرڻو پوندو۔“

مريم: ”توهان هن سان ڇا ڪندا؟“

ماءُ: ”مان انهي کي ٽوڪري ۾ وجھي، ڊگھي گاهہ ۾ نيل درياءَ جي ڪناري تي رکي ڇڏيندس۔“

مريم: ”۽ پوءِ؟“

ماءُ: ”پوءِ اسان کي انتظار ڪرڻو پوندو ۽ ڏسڻو پوندو تہ ڪيئن خدا جو اڻ ڏٺو هٿ ان جي حفاظت ڪري ٿو۔“

هوءَ خاموشيءَ سان درياءَ ڏانهن ويون۔ هي ماءُ لاءِ آسان ڳالهہ نہ هئي، پر پوءِ بہ هن ائين ڪيو ڇو تہ هن خدا تي ڀروسو ڪيو۔

ماءُ: ”مريم، ڪانن ۾ لڪي وڃ ۽ ڏس تہ ڇا ٿئي ٿو۔ آءُ هتي نظر نہ اچان ان ڪري مان واپس گھر وڃان ٿي۔“

۽ پوءِ ڪو آيو۔ فرعون جي ڌيءَ پنهنجي ڪنيزن سان نيل درياءَ تي وهنجڻ آئي۔

شهزادي: ”اهو ڇا آهي؟ اها خوبصورت ٽوڪري مون وٽ وٺي اچو۔“

مريم جو دل زور سان ڌڙڪڻ لڳو۔ ڇا شهزادي هن جي ڀاءُ کي نيل درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏيندي؟

(ٻار جي روئڻ جي آواز)

شهزادي: ”هي اسرائيلي ٻار آهي۔ مون کي هن تي تمام رحم اچي رهيو آهي۔“

مريم ٻاهر نڪري آئي۔

مريم: ”ڇا مان ڪو ماءُ ڳوليان جيڪا ٻار جي پرورش ڪري سگھي؟“

شهزادي: ”اهو سٺو مشورو آهي۔ ائين ئي ڪر۔“

توهان سوچيو ٿا مريم ڪهڙي ماءُ کي ڳوليو هوندو۔ ٻار جي ماءُ کي سندس ٻار واپس ملي ويو ۽ هن کي اجازت هئي تہ هو ڪجھہ سال ٻار جو خيال رکي۔ انهن پنهنجي پوري دل سان خدا جو شڪر ادا ڪيو، ڇو تہ هن جو اڻ ڏٺو هٿ شاندار طريقي سان انهن جي حفاظت ڪئي هئي۔ ڇا اهو سچ ناهي تہ خدا ڪيترائي ڀيرا توهان جي حفاظت ڪئي آهي، ائين ئي آهي نہ؟ ڪجھہ وقت ڪڍو ۽ هن جو شڪر ادا ڪريو تہ هو توهان جي حفاظت ڪري ٿو۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، فرعون، مريم، ماءُ، شهزادي

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 29, 2025, at 05:01 PM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)