STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 065 (Missing for three days)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

56. ٽن ڏينهن کان غائب


(روڊ تي مسافرن جيون آوازون)

پيهريون مسافر: ”مون کي هي جشن جلدي نہ وسرندو۔“

ٻيو مسافر: ”هي تمام زبردست هو۔“

پيهريون مسافر: ”اسان کي هي اعزاز حاصل آهي تہ اسان وٽ اهو خدا آهي جنهن اسان کي آزاد ڪيو آهي۔ مان ايندڙ سال وري يروشلم ويندس۔“

مريم: ”توهان تي سلامتي هجي۔ ڇا توهان اسان جي پٽ کي ڏٺو آهي؟“

يوسف: ”هو وڃائجي ويو آهي۔ هو 21 سالن جو آهي۔“

ٻيو مسافر: ”ٿي سگھي ٿو تہ هو ٻين سان گڏ اڳتي نڪري ويو هجي۔“

مريم ۽ يوسف يسوع کي ڳولي رهيا هئا۔ يسوع پيهرين دفع انهن سان گڏ يروشلم آيو هو۔ گھر واپس ويندي اوچتو گم ٿي ويو۔

مريم: ”يوسف، مون کي ان جي فڪر ٿي رهي آهي۔“

يوسف: ”اسان کي واپس وڃي ان کي شهر ۾ ڳولڻ گھرجي۔“

انهن هر جڳهہ پنهنجي 21 سالن جي پٽ بابت پڇا ڪئي۔ ڪنهن بہ يسوع کي نہ ڏٺو هو۔ ٽن ڏينهن کان پوءِ، هو انهن کي هيڪل ۾ مليو۔ هو حيران ٿيا، ڇو تہ هو خدا جي گھر ۾ هو ۽ بائبل جي استادن سان بائبل بابت بحث ڪري رهيو هو۔ اهي ماڻهو پڻ ان جي سوالن ۽ جوابن بابت حيران هئا۔

مريم: ”تون هتي ڇو رهجي وئين؟ اسان توکي هر جڳهہ ڳوليو ۽ اسان کي تنهنجي فڪر ٿي رهي هئي۔“

يسوع: ”توهان مون کي ڇو ڳولي رهيا هئا؟ ڇا توهان کي خبر نہ هئي تہ مون کي منهنجي پيءُ جي گھر ۾ هئڻ ضروري آهي؟“

هي پيهرين دفع يسوع خدا کي پنهنجو پيءُ چيو هو ۽ ان طريقي هن پنهنجي پاڻ کي خدا جو پٽ پڻ چيو۔

۽ يسوع، خدا جو پٽ، ڪنهن وقت توهان وانگر هڪ ننڍڙو ٻار هو۔ هو بلڪل مڪمل انسان هو۔ هو توهان وانگر کلندو ۽ روئندو هو۔ هو توهان وانگر کاڌو کائيندو ۽ سمهندو هو۔ ان کي سکڻو هو، جيئن توهان سکو پيا۔ هن هميشہ پنهنجي ماءُ پيءُ جي ڳالهہ مڃي، جيئن توهان مڃو ٿا۔ مان توهان جي کلڻ جي آواز ٻڌي سگھان ٿي! ڇا توهان هميشہ پنهنجي ماءُ پيءُ جي ڳالهہ نہ ٿا مڃو؟

بائبل اسان کي هي ٻڌائي ٿي تہ: ٻارو پنهنجي ماءُ پيءُ جي ڳالهہ مڃو۔ يسوع هميشہ پنهنجي ماءُ پيءُ جي ڳالهہ مڃي۔ هن ڪڏهن بہ ڪو گناهہ نہ ڪيو ۽ نہ وري ڪڏهن ڪو خراب ڳالهہ واتان ڪڍي۔ هن ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ ڳالهايو ۽ نہ ئي ڪڏهن ڪا چوري ڪئي۔ هو گناهہ کان پاڪ هو۔ ڳالهہ مڃڻ کان هن کي خوشي ملندي هئي۔ انهيءَ ڪري هو مريم ۽ يوسف سان گڏ واپس ناصرت ويو۔

جيڪڏهن توهان بہ يسوع جي ڳالهہ مڃڻ چاهيو ٿا، تہ هو بہ توهان جي مدد ڪندو تہ جيئن توهان ان وانگر ٿي سگھو۔ ان کي چئو تہ هو توهان جي سڀ نافرماني معاف ڪندو۔

جڏهن توهان ان سان گڏ رهڻ جو فيصلو ڪريو ٿا تہ هو توهان جي مدد ڪندو آهي تہ توهان اهڙي زندگي گذاريو جنهن سان خدا خوش ٿئي۔

جڏهن يسوع توهان جي دل ۾ رهندو تہ توهان کي ڪچرو کڻڻ ۾، ٿانون ڌوئڻ ۾ يا وري صفائي ڪرڻ ۾ بہ مزو ايندو۔ يسوع سان گڏ زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪرڻ تمام سٺي ڳالهہ آهي۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ٻہ مسافر، مريم، يوسف، يسوع

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 29, 2025, at 07:57 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)