Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 046 (How to become a child of God 5)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
64. خدا جو ٻار ڪيئن بڻجي 5
هيٽي ۾ آيل تباهي تمام خوفناڪ هئي۔ طوفان جي کانپوءِ، جبل جا وڏا پٿر وادي ۾ ڪريا هئا ۽ ان سڄي ڳوٺ کي ڍڪي ڇڏيو جنهن ۾ طیفام بہ رهندي هئي۔ پر خدا ان جي جان بچائي ورتي۔ مشن اسپتال ۾ طیفام جلد ئي ٺيڪ ٿي وئي۔ طیفام کي نرسون پسند ڪنديون هيون ۽ ان جي ترت ٺيڪ ٿيڻ تي خوش بہ هيون۔
نرس: ”تون هاڻي ٺيڪ ٿي رهي آهين، طیفام۔ ڇا توکي لکڻ پڙهڻ جو شوق آهي؟“
طیفام: ”ها، مون کي هي پسند آهي۔ پر مون کي ان ڪتاب کان ڊپ لڳي ٿو۔“
نرس: ”توکي بائبل کان ڊڄڻ جي ضرورت ناهي۔ هن ۾ اسان پڙهون ٿا تہ يسوع ٻارن سان پيار ڪندو آهي۔“
ان کانپوءِ، طیفام هر ڏينهن مشن اسڪول ويندي هئي۔ جڏهن مذهب جي باري ۾ پڙهايو ويندو هو تہ هو پنهنجا ڪن بند ڪري ڇڏيندي هئي، پر ڪڏهن ڪڏهن هو ٿورو ٻڌندي هئي۔ ان کي اهو سمجھہ ۾ نہ ايندو هو تہ مس ”خدا جي پٽ“ جي باري ۾ ڇا چوندي آهي۔ هو جلدي سان پنهنجو تعويذ جھلي وٺندي هئي جيڪو ان پنهنجي ڳچيءَ ۾ پاتل هو۔ هڪ ڇوڪري ان تي کلندي هئي۔ طیفام ڊنل هئي ۽ روئي رهي هئي جڏهن هو اسڪول جي ڪمري مان ڀڄي۔
نرس: ”طیفام، تون ڇو روئي رهي آهن؟“
طیفام: ”مون کي ان ڳالهہ جي سمجھہ نہ ٿي اچي۔ مان ڪيئن خدا جي ڌيءُ ٿي سگھان ٿي؟“
نرس: ”بائبل ۾ اهو چيو ويو آهي تہ جيڪو بہ يسوع تي يقين ڪري ٿو ۽ ان کي چوي ٿو تہ منهنجي زندگي جو مالڪ ٿي، تہ پوءِ اهو انسان خدا جو پٽ ۽ ڌيءُ ٿي وڃي ٿو۔“
طیفام: ”منهنجو بابا مون کي سزا ڏيندو جيڪڏهن مون ائين ڪيو۔ مون کي ڊپ لڳي رهيو آهي۔“
نرس: ”اسان ان لاءِ دعا ڪنداسون، تہ هو بہ هڪ ڏينهن خدا جي پٽ تي يقين ڪري۔“
طیفام جي همت وڌي وئي ۽ ان دعا ڪئي۔
طیفام: ”مالڪ يسوع، آئون توهان تي يقين ڪريان ٿي۔ منهنجا گناهہ معاف ڪيو ۽ منهنجي زندگي ۾ اچو۔“
نرس: ”هاڻي تون خدا جي ڌيءُ آهين۔ ۽ هاڻي کان يسوع هميشہ تون سان گڏ آهي۔“
طیفام (خوشي سان): ”مان خدا جي ڌيءُ آهيان!“
ڪجھہ وقت کانپوءِ، ان جو پيءِ ان کي وٺڻ آيو۔ اتان روانو ٿيڻ تي ان کي هڪ بائبل تحفي ۾ ڏني وئي۔ ان جو پيءِ ان کي شڪ جي نظر سان ڏسندو رهيو ۽ گھر پهچڻ تائين ماٺ رهيو۔
اورَسٽل: ”ڇا تون بہ هن يسوع تي يقين ڪندي آهين؟“
طیفام: ”ها بابا، مان خدا جي ڌيءُ آهيان۔ مهرباني ڪري توهان بہ پنهنجي زندگي ۾ يسوع تي يقين ڪريو۔ بائبل ۾ اهو چيو ويو آهي تہ جڏهن توهان ائين ڪندا، تہ توهان بہ خدا جا پٽ ٿي ويندا۔“
طیفام اڃا وڌيڪ ڪجھہ نہ چيو هو۔ جو ان جي پيءِ ان جي هٿ مان بائبل وٺي ورتي ۽ ان کي ڦاڙي ڇڏيو ۽ هزارين ٽڪرا ڪري هوا ۾ اڏائي ڇڏيو۔
۽ پوءِ؟
ايندڙ ڊرامي ۾ توهان کي پتو پوندو تہ ڇا ٿيو۔
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، نرس (مشنري مرڪز سان)، طيفام، اورسٽل
ynamreG FEC :thgirypoC ©