Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 045 (The catastrophe 4)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
54. تباهي 4
هيٽي ۾ طوفان تباهي مچائي ڇڏي۔ هن خراب زمين ۾ اڪثر خطرناڪ طوفانن جي ڪري فصلون خراب ٿينديون رهنديون آهن۔ اورَسٽل، چڙيلن جي ڊاڪٽر جو ساھہ سڪي ويو جيئن ئي هو برسات ۽ اوندهہ ۾ پهاڙ تي چڙهيو۔ کيوڻ جي چمڪاٽ اوندهائي کي روشني ۾ بدلائي ڇڏيو۔ هن جبل جي ٽڪري تي وڪٽر کي سڃاڻي ورتو۔
اورَسٽل: ”آئون هن کي ماري ڇڏيندس۔ سڀني ڳالهين جي لاءِ هو ذميوار آهي ڇو تہ هو هميشہ يسوع جي باري ۾ ڳالهائيندو آهي۔ هن طوفان سان روحون واپس اسان وٽ اچي رهيون آهن۔ آئون هن کي ماري ڇڏيندس ۽ هر ڪنهن کي ائين لڳندو تہ هو جبل تان ڪري ويو آهي۔“
پنهنجي دل ۾ قتل جو خيال رکي اورَسٽل اڳتي وڌيو۔ پر اوچتو هو هڪ وڏي کوهہ ۾ ڪري پيو ۽ ان جي پير ۾ سَٽَ پئجي وئي۔ هن لاءِ اڳتي وڌڻ ڏکيو ٿي ويو۔
اورَسٽل: ”بچايو! بچايو!“
ايترو گج گوڙ هو تڏهن بہ وڪٽر ان جي مدد جي پڪار کي ٻڌي ورتو۔ هن کي خبر نہ هئي تہ چڙيلن جو ڊاڪٽر ڇو ان جو پيڇو ڪري رهيو هو۔
اورَسٽل: ”مون کي بچايو۔ مان پنهنجي وڏي ڌيءَ سان ملڻ لاءِ وڃڻ چاهيان ٿو جيڪا جبلن تي رهندي آهي۔“
اورَسٽل تمام ڪوڙو انسان هو۔ پر پوءِ بہ وڪٽر ان جي مدد ڪئي۔ هو وڏي ڌيان سان زخمي انسان کي هڪ جھوپڙي ۾ وٺي ويو جنهن ۾ اهي برسات کان بچيل رهيا۔ هڪ هلڪي آواز انهن کي مجبور ڪيو تہ هو ان آواز کي ٻڌن۔ اها کيوڻ جي آواز نہ هئي۔ اهو آواز بند ٿيڻ بجاءِ وڌيڪ تيز ٿيندو ويو۔ جبل ڏڪي ويا۔ ٽڪرين جا وڏا ۽ گول پٿر وادي ۾ ڪري پيا ۽ سڄو ڳوٺ ڍڪجي ويو۔ اورَسٽل خوفزدہ ٿي ويو۔
اورَسٽل: ”منهنجي زال، منهنجي طیفام! اسان کي انهن جي مدد لاءِ وڃڻ گھرجي!“
وڪٽر: ”اورَسٽل، تو منهنجي ڳالهہ ڇو نہ مڃي؟ مون توکي اڳ ۾ ئي مٽِي جي ڊهڻ جي باري ۾ ٻڌايو هو! جيڪڏهن تنهنجي زال ۽ ڌيءَ مري ويون تہ ان جو تو ذميوار هوندي۔“
وڏي مشڪل ۽ وڪٽر جي مدد سان، اورَسٽل پاڻ کي گھلي ان هنڌ تائين وٺي ويو جتي ڪڏهن ان جو گھر هو۔ هن جٽ پٽ سان دلدل ۾ کوٽائي شروع ڪري ڇڏي۔ پوءِ هو رڪجي ويو۔
اورَسٽل: ”منهنجي زال مري وئي آهي۔ پر اتي ڏسو۔ ڪجھ چُرپُر ٿي رهي آهي! طیفام!“
هُن پنهنجي ڌيءِ کي مِٽي جي ڍڳ مان ٻاهر ڪڍي کيس کڻي ورتي۔
اورَسٽل: ”طیفام، منهنجي طیفام!“
وڪٽر: ”مالڪ يسوع، اسان جي مدد ڪريو۔ مشنرين کي اسان وٽ موڪليو جيڪو کاڌو ۽ دوائون وٺي اچن۔“
يسوع وڪٽر جي دعا جو جواب ڏنو۔ ٿوري ئي دير ۾ مدد پهچي وئي ۽ طیفام کي هيلي ڪاپٽر ۾ مشن اسپتال وٺي ويا۔
توهان ٻڌندؤ تہ ان سان ڇا ٿيو جيڪڏهن توهان ايندڙ ڊرامو ٻڌندؤ۔
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، اورسٽل، وڪٽر
ynamreG FEC :thgirypoC ©