STORIES for CHILDREN by Sister Farida(www.wol-children.net) |
|
Home عربي |
Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 110 (Only 8 and already King) This page in: -- Albanian -- Arabic? -- Armenian -- Aymara -- Azeri -- Bengali -- Bulgarian -- Cebuano -- Chinese -- English -- Farsi -- French -- Fulfulde -- German -- Greek -- Guarani -- Hebrew -- Hindi -- Indonesian -- Italian -- Japanese -- Kazakh -- Korean -- Kyrgyz -- Macedonian -- Malagasy -- Malayalam? -- Platt (Low German) -- Portuguese -- Punjabi -- Quechua -- Romanian -- Russian -- Serbian -- SINDHI -- Slovene -- Spanish-AM -- Spanish-ES -- Swedish -- Swiss German? -- Tamil -- Turkish -- Ukrainian -- Urdu -- Uzbek
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو 011. عمر رڳو اٺ سال ۽ بادشاھہ بڻجي ويو(شور شرابي جي آواز) امُونَ بادشاهہ جي خلاف سازش۔ ان جي نالي جو مطلب هو ايماندار ۽ اعتماد جي قابل۔ پر هو اهڙو نہ هو۔ خاص طور تي خدا سان تعلق رکڻ ۾۔ هو ڪاٺ ۽ پٿرن مان ٺهيل بتن جي پوڄا ڪندو هو۔ بتن جي پوڄا ڪرڻ خدا جي بيعزتي ڪرڻ جي برابر آهي۔ نوڪر: ”اسان ان کي مارڻ وارا آهيون۔ هو پنهنجي ڪمري ۾ آهي۔“ (دروازو کلڻ جي آواز، هلچل، روئڻ جي آواز) امُونَ بادشاهہ پنهنجي ئي نوڪرن جي هٿان قتل ٿيو هو۔ ۽ ان جو پٽ نئون بادشاهہ ٿي ويو۔ ڇا توهان يوسياہ بابت اڳ ۾ ٻڌو آهي؟ هو جڏهن 8 سال جو هو تہ بادشاهہ ٿي ويو۔ ڇا هو پنهنجي پيءُ وانگر خدا جي بيعزتي ڪندو؟ يا پوءِ هو خدا سان پيار ڪندو؟ بائبل جھڙي طرح ان جي زندگي کي بيان ڪري ٿي اهو ڏاڍو عمدو آهي: يوسياہ اهو ڪم ڪيو جن سان خدا خوش ٿيو۔ ڇا اها ڳالهہ توهان جي باري ۾ بہ بيان ڪري ٿي؟ توهان جي زندگي جو بہ اهوئي مقصد هجڻ گھرجي، ڇو تہ اسان جيڪي ڪجھہ ڪندا آهيون جنهن سان خدا خوش ناهي ٿيندو يسوع اهو سڀ معاف ڪري ٿو۔ توهان ان کان معافي گھري سگھو ٿا۔ هو توهان جي ٻڌندو۔ يوسياہ خدا سان پيار ڪندو هو۔ ۽ جڏهن هو وڏو ٿيو، ان پنهنجي ملڪ جي سڀني بتن کي ڪيرائي ڇڏيو۔ هر اها شيءِ کي جنهن سان خدا ناراض ٿيندو هو ختم ڪري ڇڏيو۔ ڇا توهان کي بہ پنهنجي زندگي مان ڪجھہ شيون صاف ڪرڻ گھرجي؟ خراب وڊيو ۽ خراب ڪتابون؟ اهي شيون جيڪي توهان جي بستر جي هيٺان آهن ۽ جيڪي توهان جي آسي پاسي آهن جن سان خدا ناراض ٿيندو آهي؟ يوسياہ شين کي ٺيڪ ترتيب ڏنِي۔ هن هي سڀ خوشي سان ڪيو ڇو تہ هو خدا سان پيار ڪندو هو۔ يوسياہ: ”ٿورو هيڪل کي ڏسو۔ خدا جو گھر ڪيترو گندو لڳي رهيو آهي۔ اها اسان جي خدا جي بيعزتي آهي۔ عمارت ٺاهڻ جو سامان خريد ڪريو ۽ ڪم شروع ڪريو!“ (عمارتون ٺاهڻ جو شور) ڪاهن: ”هي ڏسو مون کي ڇا مليو آهي۔ پوئين رستي تي ڪنڊ ۾ هي طومار پيا هئا۔ اچو، پاڻ هي وٺي يوسياہ بادشاهہ وٽ هلون۔“ خدا جو ڪلام، بائبل، ڪنڊ ۾ پئي هئي۔ ڪنهن کي پرواهہ نہ هئي تہ انهن جي زندگي ۾ خدا جي جگھہ پهرين درجي تي هجڻ گھرجي۔ ڪاهن: ”يوسياہ بادشاهہ، اسان کي هي طومار ردِي ۾ پيل مليا آهن۔“ يوسياہ بادشاهہ: ”انهن کي وڏيَ آواز ۾ پڙهو۔“ بادشاهہ ٻڌو تہ خدا انهن سان ڇا ڪيو جن هن کان پوري دل سان محبت نہ رکي هئي۔ حيرانگي سان هو زمين تي ويهي رهيو ۽ روئڻ شروع ڪيو۔ ان کي ڏاڍو افسوس ٿيو تہ هن جي ماڻهن خدا کي تمام گھڻو ناراض ڪيو آهي۔ ان کان ٿوري وقت بعد خدا ان کي ٻڌايو: خدا: ”مان هن شهر کي سزا ڏيڻ وارو آهيان۔ پر ڇو تہ تون مون کي پيار ٿو ڪرين انهي ڪري مان تون کي ڇڏي ڏيندس۔“ يوسياہ بادشاهہ ٻارن ۽ وڏن کي عبادت جي دعوت ڏني، ۽ انهن کي چيو تہ خدا سان محبت ڪريو ۽ ان کي پنهنجي زندگين ۾ پهريون درجو ڏيو۔ ڇا توهان بہ هن دعوت کي قبول ڪيو آهي؟ ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، نوڪر، يوسياہ، ڪاهن، خدا جي آواز ynamreG FEC :thgirypoC © |