Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 070 (It's worth it)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

07. اهو قيمتي آهي


پطرس: ”ڪيترو وقت ضايع ٿي ويو۔ پُوري رات پاڻ شڪار ڪيو پر ڪجھہ بہ هٿ نہ آيو۔“

مايوس مهاڻا پنهنجي ٻيڙي کڻي ڪناري ڏانهن اچي پهتا۔ انهن پُوري رات ناڪامي جو منهن ڏٺو هو۔ پوءِ بہ انهن کي پنهنجي ڄارن جي مرمت ۽ صفائي ڪرڻي هئي۔ اوچتو گليل جي ڍنڍ وٽ ماڻهو گڏ ٿي ويا۔ يسوع هتي آهي! اهي ان جيون ڳالهيون ٻڌڻ چاهيندا هئا؛ جيڪو هميشہ قيمتي هونديون هيون۔ ان جا لفظ هر ڪنهن کي نئين همت ۽ طاقت ڏيندا هئا۔ ماڻهو هڪٻئي کي ڌڪا ڏئي رهيا هئا ۽ يسوع وٽ ڪو جڳهہ ئي نہ بچي هئي۔

يسوع: ”پطرس، مون کي پنهنجي ٻيڙيءَ ۾ اچڻ ڏي ۽ ان کي ڪناري کان ٿورو پري کڻي هل۔“

هاڻي هر ڪو ان کي ٻڌي سگھندو هو ۽ ان کي چڱي طرح سان ڏسي سگھندو هو۔ جڏهن ان ماڻهن کي ڪلام ٻڌايو تہ ان پطرس ڏانهن ڏٺو۔

يسوع: ”پطرس، اسان کي سمنڊ ۾ وٺي هل۔ ۽ پنهنجا ڄار هڻ۔ پاڻ مڇين جو شڪار ڪنداسين!“

مون کي ان وقت پطرس جو چهرو ڏسي گھڻي خوشي ٿئي ها۔ هاڻي پاڻ شڪار ڪرڻ پيا وڃون؟ ڏينهن جي وقت مڇي گرمي کان ڀڄندي آهي ۽ تري ڍنڍ جي بلڪل هيٺ ٿي هلي وڃي۔ ڪا بہ مڇي تري ڄار ۾ نہ ايندي۔ پطرس کي خبر هئي تہ هو ڇا جي باري چئي رهيو آهي۔ آخرڪار هو هڪ مهاڻو هو۔

پطرس: ”مالڪ، اسان پُوري رات مڇي جو شڪار ڪيو آهي پر هڪ بہ مڇي نہ لڳي آهي۔“

اسان يسوع کي پنهنجي ناڪامين جي باري ۾ ٻڌائي سگھون ٿا۔

پطرس: ”پرتوهان چيو آهي انهي لاءِ اسان ڄار وجھنداسين۔“

پطرس ڪيترو سٺو ڪم ڪيو۔ هو پنهنجي پاڻ کي ڪجھہ بہ نہ سمجھيو۔ ان يسوع جي ڳالهہ ٻڌي ۽ ان کي ڪاميابي حاصل ٿي۔ هو ٻين مهاڻن سان گڏ اڳتي وڌيو تہ جئين ڄار ڇڪي ٻار ڪڍي۔ هڪ معجزو ٿيو! انهن ايتريون مڇيون جھليون جو انهن جا ڄار ڦاٽڻ لڳا۔

پطرس: ”يوحنا، يعقوب، اسان جي مدد ڪريو! اسان اڪيلا هي نٿا ڪري سگھون۔“

انهن پنهنجن دوستن کي اشارو ڪيو ۽ مڇين سان ٻہ ٻيڙيون ڀري ورتيون۔ ايتريون مڇيون ٿي ويون جو ٻيڙيون ٻڏڻ لڳيون۔

پطرس يسوع کان تمام متاثر ٿيو۔ ان محسوس ڪيو تہ هو يسوع کان تمام الڳ آهي۔

پطرس: ”مالڪ، مون کان پري هليا وڃو، ڇو تہ مان گنهگار آهيان۔“

ڪيتري زبردست ڳالهہ آهي تہ يسوع پطرس کان پري نہ ويو، بلڪہ ان کي معاف ڪري ڇڏيو۔

يسوع توهان لاءِ بہ ائين ئي ڪندو ۽ منهنجي لاءِ بہ جڏهن اسان پنهنجا گناهہ ان جي سامهون قبول ڪنداسين۔

يسوع: ”پطرس، خوف نہ ڪر۔ اڄ کان تون آدم گير ٿيندين۔“

هڪ نئون ڪم۔ پطرس کي هاڻي يسوع لاءِ ماڻهن جو شڪاري ٿيڻو پوندو۔ منهنجي خيال ۾ هي تمام وڏي ڳالهہ آهي تہ يسوع تمام وڏن ۽ ماهر ماڻهن کي نہ سڏيندو آهي، پر عام ماڻهو توهان جھڙا ۽ مون جھڙا، پطرس جھڙا ماڻهو، اهي ماڻهو جيڪي ان جي ڳالهين کي ٻڌن ٿا ۽ پوءِ هي تجربو ڪن ٿا تہ ان سان گڏ رهڻ ۾ ئي فائدو آهي۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، پطرس، يسوع

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 29, 2025, at 08:27 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)