Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 015 (The baked Bible)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

51. رڌيل بائبل


عورت: ”اُهي اچي رهيا آهن، اچي رهيا آهن اُهي!“

هڪ عورت ماني پچائي رهي هئي تہ اوچتو هن جي نظر ڌري تي پئي ۽ هن ڏٺو مسيحي ماڻهن کي ستائڻ وارا هن جي گھر جي طرف اچي رهيا هئا۔ هو هر شي کي ڏسندا هئا، بائبل ۽ گيت جي ڪتابن کي کڻي وڃي ساڙي ڇڏيندا هئا۔

مرد: ”کوليو! جلدي کوليو!“ (ڌر وڃائڻ جي آواز)

هن عورت کي ڇا ڪرڻ کپي؟ هن جلدي سان بائبل ورتي، هن کي ڪپڙي ۾ ويڙهي، پنهنجي سڀ سان قيمتي ڪتاب کي ڳوهيل اٽي ۾ ملائي اووَنَ ۾ لڪائي ڇڏيو۔ پوءِ ڊڄندي ڊڄندي ڌروازو کولڻ لڳي ۽ ماڻهون اندر آيا المارين ۽ درازن کي هيڏانهن هوڏانهن اُڇلايو ۽ هر شي ڏٺو ۽ تلاشي ورتي۔

ايتري هلچل! پر انهن کي ڪجھہ نہ مليو۔ انهن کي هن عورت تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ زور سان ڌروازو بند ڪري هليا ويا۔ (ڌروازو بند ٿيڻ جي آواز)

جڏهن خاموشي ٿِي وئي، هن عورت جلدي سان وڃي اووَنَ مان پنهنجي رڌيل بائيبل کي ڪڍيو ۽ هن ڏٺو تہ بائبل کي تہ ڪجھہ بہ ڪانہ ٿيو هو۔

هن جي ملڪ ۾ پاڻ وٽ بائبل رکڻ منع هو۔

پر هو عورت خدا جي حڪم کي وڌيڪ مڃندي هئي ۽ ماڻهن جي حڪم کي گھٽ ۽ لِڪي خدا جو ڪلام پڙهندي هئي۔ انهي سان هن عورت کي هڪ نئي همت ۽ طاقت ملندي هئي۔

(پس منظر ساز وڄايو)

خداوند جا قاعدا سچا آهن،
جيڪي دل کي خوشيون ٿا ڏين۔
هن جا حڪم حق وارا آهن،
جيڪي اکين کي روشن ٿا ڪن۔
خداوند جو خوف رکڻ ۾ پاڪيزگي رهي ٿي،
سندس خوف هميشہ هميشہ تائين رکيو ويندو۔
خداوند جا فيصلا برحق ۽ سڀ جو سڀ سچا آهن۔
اهي ماڻهن کي سون کان،
بلڪ نج سون کان بہ وڌيڪ پسند آهن۔
اهي ماکيءَ کان،
بلڪ ماناري واري ماکيءَ کان بہ وڌيڪ مٺا آهن۔
آءٌ جيڪو خداوند جو ٻانهو آهيان،
تنهن کي انهن مان ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي\\. بيشڪ انهن تي عمل ڪرڻ سان بيحد اجر ملي ٿو۔
(زبور 91)

ڇا اوهان جي گھر اوهان وٽ بائبل آهي؟ هن کي الماري تي مٽِي سان ڀرڻ نہ ڏيو۔ هن کي پڙهيو ۽ خوش ٿيو تہ خدا اوهان کي ڇا چوڻ ٿو چاهي۔

۽ جيڪڏهن اوهان وٽ بائبل نہ آهي تہ مون کي ٻڌايو۔

ٿي سگھي ٿو تہ بائبل اوهان جي پسنديدہ ڪتاب بڻجي وڃي۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، عورت، مرد

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 27, 2025, at 10:49 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)