STORIES for CHILDREN by Sister Farida(www.wol-children.net) |
|
Home عربي |
Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 014 (A slap for the King) This page in: -- Albanian -- Arabic -- Armenian -- Aymara -- Azeri -- Bengali -- Bulgarian -- Cebuano -- Chinese -- English -- Farsi -- French -- Fulfulde -- German -- Greek -- Guarani -- Hebrew -- Hindi -- Indonesian -- Italian -- Japanese -- Kazakh -- Korean -- Kyrgyz -- Macedonian -- Malagasy -- Malayalam? -- Platt (Low German) -- Portuguese -- Punjabi -- Quechua -- Romanian -- Russian -- Serbian -- SINDHI -- Slovene -- Spanish-AM -- Spanish-ES -- Swedish -- Swiss German? -- Tamil -- Turkish -- Ukrainian -- Urdu -- Uzbek
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو 41. بادشاهہ لاءِ پرچمگھڻي وقت اڳي جي ڳالهہ آهي تہ ڌاڙيلن انگلينڊ تي حملو ڪيو۔ اُنهن ظلمي سمونڊي ڌاڙيل خوف ۽ ڊپ پکيڙي ڇڏيو۔ انهن چوريون ڪيون، ماڻهن کي قتل ڪيو ۽ گھرن ۽ عبادتگاهن کي ساڙي ڇڏيو۔ اڳي الفريڍ بادشاهہ انهن کي هارائي ڇڏندو هو، پر پوءِ بادشاهہ انهن سان هارِي ويو۔ هن جي دشمنن هن کي گھيري ورتو ۽ انهي کي پنهنجو قلعو ڇڏي ڀڄڻو پيو۔ هو پنهنجو ويس مٽائي جتي ڪٿي ڦرڻ لڳو ۽ پاڻ کي جنگل ۽ لڪايو۔ هڪ نامعلوم بادشاهہ! صرف ڪجھہ ئي ماڻهن کي خبر هئي تہ هو ڪير آهي؟ انهن ماڻهن ۾ هڪ ڌراڙ الفرڪ هو۔ هن ڪڏهن بہ پنهنجي بادشاهہ کي ڌوکو نہ ڏنو هو۔ هن بادشاهہ کي پنهنجي جونپڙِي ۾ اچڻ جي دعوت ڏني، پر هن جي زال کي بہ خبر ڪانہ هئي تہ هن جو ميهمان ڪير آهي۔ هو حيران ٿيندي هئي تہ هن جو ميهمان هڪ ٽيبل تي ويهي هميشہ ڪنهن وڏي سوچ ۾ پيل رهندو هو۔ هن کي خبر نہ هئي تہ هو هڪ بادشاهہ آهي۔ هڪ ڏينهن هن کي ڪاوڙ آئي: عورت: ”مون گھڻو ڀرداشت ڪري ورتو! توهان سڄو ڏينهن هتي ويٺا رهندا آهيو ۽ ڪجھہ نہ ڪندا آهيو۔ وڃو وڃي ڏسو تہ ڪٿي ڪيڪ نہ سڙي وڃي۔ آئون کوهہ تان پاڻي ڀري اچان ٿِي۔“ الفريڍ بادشاهہ خاموشي سان چولهي وٽ ويو هليو۔ هن جي سوچ ۾ صرف دشمن هئا۔ شايد ڪو ٻيو رستو هجي جنهن سان هو انهن کي هارائي سگھي۔ انهي جي منهہ تي زوردار ٿپڙ لڳو ۽ هو هڪدم پنهنجي خيالان مان نڪري هوش ۾ اچي ويو۔ هو مائِي واپس اچي وئي هئي، ڪيڪ سڙي ويو هو ۽ جھام خراب ڍپ اچي رهي هئي۔ عورت: ”سست ماڻهون! هليو وڃ هتان!“ انهي وقت هن جو مڙس بہ ڪچن ۾ آيو۔ مڙس: ”ايَ عورت! تنهنجي همت ڪئين ٿِي بادشاهہ سان ائين ڳالهہ ڪرڻ جي! ڇا تون هن کي ناهي سڃاتو؟“ پوءِ ڇا ٿيو اسان کي خبر ناهي۔ پر هن نامعلوم بادشاهہ جي ڪهاڻي مون کي خداوند يسوع جي ياد ڏياري ٿِي۔ يسوع سان تہ هن بادشاهہ سان بہ وڌيڪ خراب ٿيو هو۔ ائين ئي هو يا نہ؟ جڏهن هو 0002 سال اڳ آهر ۾ پيل هو تہ ڪنهن بہ هن کي نہ سڃاتو۔ پوءِ ماڻهون هن کي پاڻ سان گڏ بہ ڏسڻ نہ پي چاهيو۔ انهي کي ڏوهاري سمجھيو ويو ۽ نفرت ڪئي وئي ۽ هن صليب تي پنهنجي جان ڏني۔ ۽ اڄ؟ اڄ بہ هو گھڻو ڪري هڪ نامعلوم بادشاهہ آهي۔ ڇا توهان هن کي پنهنجي زندگي جو بادشاهہ ٿيڻ ڏيندا؟ ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، عورت، مرد ynamreG FEC :thgirypoC © |