STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 148 (The hardest test 3)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

841. سڀ کان ڏکيو امتحان 3


ڇا مان ٺيڪ آهيان؟ جڏهن توهان کي ڪو ڏکيو امتحان ڏيڻو هجي تہ توهان گھڻو وقت بستري تي رهندا آهيو۔

پر ابراهيم ائين نہ ڪيو۔ هو تمام جلد اٿي ويو۔ سندس امتحان رياضي يا سائنس ۾ نہ ورتو ويو، پر خدا سندس ايمان کي آزمايو۔

خدا جي آواز: ”ابراهيم!“

ابراهيم: ”مان حاضر آهيان۔“

خدا جي آواز: ”اضحاق کي وٺ، تنهنجو اڪيلو پٽ جنهن سان تون تمام گھڻو پيار ڪرين ٿو، ۽ موريا جي علائقي ۾ وڃ۔ جبل تي ان کي قربان ڪري ڇڏ؛ مان توکي ٻڌائيندس تہ ڪهڙي جاءِ تي۔“

جيڪو خدا کي نٿو ڄاڻي ۽ نڪو ان سان محبت ڪري ٿو، اهو ضرور سوچيندو تہ خدا ظالم آهي۔ پر ابراهيم ڪڏهن بہ خدا جي باري ۾ ائين نہ سوچيو جيڪو ان کي آزمائي رهيو هو۔

بائبل اسان کي چٽي نموني ٻڌائي ٿي: ابراهيم جلد اٿي ۽ پنهنجي گڏهہ کي تيار ڪيو۔ هن قرباني لاءِ ڪاٺيون ورتيون، ۽ ٻہ نوڪر ۽ پنهنجي پٽ اضحاق کي بہ پاڻ سان گڏ ورتو۔ انهن تقريبا 57 ميل جو سفر ڪيو۔ اها هڪ وڏو سفر هو، هڪ اهڙو سفر جنهن تي اهي ڪنهن بہ وقت موٽي سگھن ها۔

ٽئي ڏينهن کان پوءِ، ابراهيم کي جبل نظر آيو۔ هن پنهنجن نوڪرن سان ڳالهہ ڪئي۔

ابراهيم: ”هتي ئي گڏهہ سان گڏ ترسو۔ مان ۽ منهنجو پٽ خدا جي عبادت ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون۔ پوءِ اسان واپس اچي وينداسين۔“

ڇا توهان ٻڌو؟ ابراهيم چيو: اسان واپس اينداسين۔ هن کي پڪو يقين هو تہ خدا اضحاق کي واپس زندہ ڪندو۔

پٽ ڪاٺيون کنيون، پيءُ باهہ ٻارڻ لاءِ ٻرندڙ ڪوئلا کنيا ۽ ان سان گڏ چاقو بہ۔ ۽ پوءِ اهي ٻئي گڏجي هلڻ لڳا۔

اضحاق: ”بابا!“

ابراهيم: ”چئو منهنجا پٽ۔“

اضحاق: ”اسان وٽ ڪاٺيون ۽ باهہ آهي، پر قرباني لاءِ گھيٽو ڪٿي آهي؟“

ابراهيم: ”اسان اهو مسلو خدا تي ڇڏيون ٿا۔ منهنجا پٽ، اهو اسان کي گھيٽو ڏيندو۔“

جڏهن اهي ان جاءِ تي پهتا جيڪا خدا انهن کي ڏيکاري، ابراهيم قربانگاہ تيار ڪئي ۽ ڪاٺيون ان تي رکيون۔ هن پنهنجي پٽ اضحاق کي ٻڌو ۽ ان کي قربانگاہ تي ليٽايو۔ ۽ پوءِ هن ڇري کنئي۔

فرشتو: ”ابراهيم! ابراهيم!“

ابراهيم: ”مان حاضر آهيان۔“

فرشتو: ”پنهنجي پٽ کي زخمي نہ ڪر۔ هاڻي مون ڏسي ورتو تہ تون پنهنجي پٽ کان وڌيڪ پنهنجي خدا سان محبت ڪرين ٿو۔“

ابراهيم پنهنجي زندگي جي سڀ کان ڏکئي امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي۔

موريا جي هنڌ کان ڪجھہ ئي وکون پري ڪيترن ئي سالن بعد خدا پنهنجو پٽ قربان ڪيو، جيئن اسان هن جا ٻار بڻجي سگھون جيڪڏهن پاڻ هن تي يقين رکون تہ۔ ڇا توهان هن وقت مون سان گڏ دعا ڪندا؟

”مالڪ يسوع، مان بہ ابراهيم جيان تون تي ايمان رکڻ چاهيان ٿو۔ جيڪڏهن ڪنهن وٽ اهڙو ايمان هجي تہ هن کي ڇا ٿي سگھي ٿو؟“


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ابراهيم، خدا جي آواز، اضحاق، فرشتو

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on April 01, 2025, at 10:01 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)