STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 060 (Christmas – so different 2)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

06. الڳ وڏو ڏينهن 2


جبلن ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڪنهن بہ ڪرسمس تي جشن نہ ملهايو۔ ڪو بہ خوش نہ هو تہ خداوند يسوع پيدا ٿيو آهي۔ تورا لاءِ اهو الڳ هو۔ انهيءَ صبح هن لڪي پنهنجي ڀاءُ کي مريم، يوسف ۽ ٻار يسوع جي ڪهاڻي ٻڌائي هئي۔ هوءَ ڪرسمس جو جشن ملهائڻ چاهيندي هئي پر هن کي خبر نہ هئي تہ ڪيئن۔

مسيحي اسڪول ۾ هو ڪرسمس تي وڻن کي سينگاريندا هئا، تحفا ملندا هئا، بتيون ٻاريون وينديون هيون ۽ گيت ڳايا ويندا هئا، پر هتي ائين نہ ٿي رهيو هو۔ هن ڪم ڪرڻ لاءِ اپرون ٻڌو، مانيءَ لاءِ اٽو ڳوهيو، کوهہ مان پاڻي آندو ۽ ٻڪرين جو کير ڪڍيو۔ تورا کي ان ڳالهہ جي خوشي ٿي تہ هن پنهنجي ٿڪل ماءُ جي مدد ڪئي۔ ۽ اهو بہ ڪرسمس ملهائڻ جو هڪ طريقو هو۔ شام جو گھڻا مهمان آيا۔ سڀ مائٽ تورا سان وري ملڻ چاهيندا هئا ڇاڪاڻ تہ هوءَ صرف اسڪول جي موڪلن ۾ ئي گھر ايندي هئي۔

هنن باهہ تي پچايل خرگوش ۽ ماني کاڌي۔ هر ڪنهن کي اهو کاڌو کائي سٺو لڳو۔

کاڌي کائڻ کانپوءِ اوچتو حسن ڳالهائي پيو:

حسن: ”تورا، اسان کي ٻالڪ يسوع آهر ۾ وارِي ڪهاڻي ٻڌاءِ جيڪا تو مون کي اڄ صبح ٻڌائي هئي؟“

ڪمري ۾ تمام گھڻي خاموشي ٿي وئي۔ مسيح جي نالي کي ان خاندان ۾ سٺو نہ سمجھيو ويندو هو ان ڪري سڀ تورا ڏانهن ڪاوڙ ۾ ڏسي رهيا هئا۔ ارمِينَ، سندس رشتيدار ڇوڪري، هن تي مذاق ڪيو۔

ارمِينَ: ”ڇا اهو توکي تنهنجي اسڪول وارن سيکاريو آهي؟ تو هن بابت ڪڏهن بہ ڪجھہ نہ ٻڌايو آهي!“

تورا چپ رهي۔ هن کي محسوس ٿيو تہ هو اڪيلي آهي ۽ هن کي لڳو تہ ڪو بہ هن کي پسند نہ ٿو ڪري۔ جيئن يسوع ڪيترائي سال اڳ محسوس ڪيو هو۔ پر جيڪو بہ ٿيو، هوءَ يسوع سان ايماندار رهڻ چاهيندي هئي۔ هن جي پيءِ چيو:

پيءِ: ”ها بلڪل تورا، تون بائبل جي ڪهاڻين تي بالڪل يقين نہ ڪر۔ اسان جو مذهب ٻيو آهي، هيءَ تون کي خبر آهي۔ آئون صحيح چوان پيو نہ تورا؟“

تورا: ”پر منهنجو ڀروسو يسوع تي آهي۔ اهو ئي هڪ رستو آهي جنهن جي وسيلي اسان آسمان جي بادشاهي ۾ داخل ٿي سگھون ٿا۔ يسوع چيو: رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آهيان. منهنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پهچي نہ ٿو سگھي۔“ (يوحنا 41: 6)

برفاني خاموشي ڇائنجي وئي ۽ هر ڪنهن ان 31 سالن جي ڇوڪري کي تمام بري طرح سان ڏٺو۔ تورا کي هن ڳالهہ جو تمام گھڻو ڏک ٿيو تہ ٻين يسوع جو انڪار ڪيو هو۔ هوءَ ٻاهر ڀڄي وئي ۽ روئڻ لڳي۔ هوءَ اڪيلي هئي جيڪا مالڪ يسوع سان پيار ڪندي هئي۔ باقي ماڻهو ڇالاءِ يسوع سان پيار نہ ڪندا هئا؟ تورا وٽ ان جو جواب نہ هو۔

اوچتو سندس ننڍو ڀاءُ هن جي سامهون اچي بيٺو۔

حسن: ”تورا، مون کي تنهنجون ڪهاڻيون پسند آهن۔ مان بلڪل تو وانگر ٿيڻ چاهيان ٿو۔“

تورا مسڪرائي۔ هاڻي هن کي ڊپ نہ لڳي رهيو هو۔ ڪرسمس جي خوشي هاڻي سندس دل ۾ اچي وئي۔ هن ڪرسمس جو جشن ملهايو۔ يسوع سان گڏ پنهنجي دل ۾!


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، حسن، ارمِينَ، تورا، پيءِ

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 29, 2025, at 07:19 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)