Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 038 (A night in jail)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
83. هڪ رات جيل ۾
نہ، انهن سٺن ماڻهن کي هي ڳالهہ نہ وڻِي۔ انهن جي منهن تي ڪاوڙ هئي، انهن جي پيشاني تي شڪن ۽ انهن جي اکين ۾ حسد هو۔
پيهريون فريسي: ”اڃان گھڻي دير اسان کي هي ڏسڻو پوندو؟“
ٻيو فريسي: ”مان بہ اهو ئي چوان ٿو: اسان انهن کي يسوع بابت ڳالهائڻ کان منع ڪيو هو۔“
پيهريون فريسي: ”جيڪڏهن ائين هلندو رهيو، تہ جلد ئي سڀ ڀروسو ڪري وٺندا تہ خدا يسوع کي مئلن مان جيئرو ڪيو آهي۔“
ٻيو فريسي: ”اچو تہ انهن جي سردار کي پڪڙي وٺون۔“
اهو بلڪل فريسين وانگر هو، ائين ئي ڪرڻو آهي جئين انهن جو ڀروسو آهي۔ پيهرين انهن يسوع کي صليب ڏني ۽ پوءِ ان جي شاهدن کي ماٺ رهڻ جو چيو۔ هيڪل جا سپاهي انهن کي ماڻهن جي وچ مان ڇڪِي ٻاهر وٺي آيا۔ انهن پطرس ۽ يوحنا کي گرفتار ڪيو، انهن کي اتان کان وٺي ويا ۽ سڄي رات قيد خاني ۾ رکيو۔
ٻئي ڏينهن انهن کان سوال پڇيا ويا:
جج: ”توهان کي تعليم ڏيڻ جو ڪنهن چيو آهي؟ توهان معجزا ڪيئن ڪندا آهيو، جيئن هڪ اڌرنگي کي هلڻ جي قابل بڻائڻ؟“
پطرس ڏيکارڻ نہ ٿي چاهيو تہ هن کي ڊپ آهي۔ هن ڌليري سان چيو:
پطرس: ”اسان هڪ اڌرنگي جي مدد ڪئي آهي تنهن ڪري توهان اسان کي ڏوهاري ڪري رهيا آهيو۔ مالڪ يسوع تي ايمان آڻڻ سان معجزو ٿيو، جنهن کي توهان صليب ڏني هئي، ۽ جنهن کي خدا مئلن مان جيئرو ڪيو آهي۔ رڳو يسوع ئي ماڻهن کي بچائي سگھي ٿو۔ ۽ پوري دنيا ۾ ٻيو ڪو بہ ائين نہ ٿو ڪري سگھي۔“
جج پطرس جي همت تي حيران ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا تہ هن سان ڇا ڪرڻ گھرجي۔
جج: ”اسان کي انهن سان ڇا ڪرڻ گھرجي؟ اسان ان حقيقت کان بہ انڪار نٿا ڪري سگھون تہ هڪ اڌرنگي ماڻهون هلڻ جي قابل ٿي ويو آهي؛ هرڪو اهو ڏسي سگھي ٿو۔“
ٻيو جج: ”پر اسان کي ٻين کي روڪڻو پوندو تہ اهي ان بابت نہ ٻڌن۔ اسان صرف انهن کي يسوع بابت ڳالهائڻ کان منع ڪنداسون۔“
پطرس ۽ يوحنا کي وري اندر آندو ويو۔
جج: ”توهان کي، توهان کي هاڻي يسوع جي باري ۾ تعليم ڏيڻ جي اجازت ناهي۔ سمجھي ويا؟ اسان اميد رکون ٿا تہ توهان هن حڪم کي مڃيندا، نہ تہ۔۔۔۔۔۔۔“
پر پطرس پنهنجي ۽ يوحنا لاءِ جواب ڏنو:
پطرس: ”ڇا توهان واقعي اهو چاهيو ٿا تہ اسان خدا جو نہ پر توهان جو حڪم مڃون؟ اسان لاءِ ماٺ رهڻ ناممڪن آهي۔ اسان يسوع سان گڏ رهي هن جا ڪيترائي ڪم ڏٺا آهن، ۽ اسان ضرور ٻين کي هن جي باري ۾ ٻڌائينداسين۔“
انهن کي هڪ ڀيري وري چيو ويو تہ اهي ماٺ رهن ۽ پوءِ انهن کي وڃڻ ڏنو۔
اسان کي انسان جي بجاءِ خدا جي ڳالهہ ٻڌڻ گھرجي۔ جيئن پطرس ۽ يوحنا ٻڌندا هئا۔
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ٻہ فريسي، ٻہ جج، پطرس
ynamreG FEC :thgirypoC ©