Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 036 (Identifying love)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
63. محبت جي سڃاڻپ
توهان صوف جي وڻ کي ڪيئن سڃاڻيندا؟
ٻار: ”هي ڏسي تہ ان تي صوف لڳندا آهن۔“
توهان ليار جي وڻ کي ڪيئن سڃاڻيندا؟
ٻار: ”هي ڏسي تہ ان تي ليار ٿئي ٿو۔“
۽ توهان اخروٽ جي وڻ کي ڪيئن سڃاڻيندا؟
ٻار: ”هي ڏسي تہ ان تي اخروٽ ٿو لڳي۔“
اسين وڻ کي انهي جو ميوو ڏسي سڃاڻي سگھون ٿا۔ سٺو وڻ سٺو ميوو ڏئي ٿو؛ خراب وڻ خراب ميوو ڏئي ٿو۔
۽ توهان هڪ مسيحي کي ڪيئن سڃاڻيندا؟
هڪ تمام ضروري طريقو آهي انهن ماڻهن کي سڃاڻڻ جو جيڪي يسوع سان تعلق رکن ٿا۔ ٻہ دوستن هي خوبي شروعاتي مسيحيين ۾ ڏٺي۔
پيهريودوست: ”ڇا تون ڏٺو آهي تہ روٿ هاڻي وڙهندڙ ناهي رهي آهي جيئن هو اڳ هئي؟ پيهرين تہ هو هميشہ پنهنجي پاڙيسري خلاف شڪايت ڪندي هئي ۽ ڪاوڙ ڪندي هئي، پر هاڻي هو مدد ڪندي آهي ۽ وڃي کوهہ مان پاڻي بہ ڀري اچي ٿي۔ مون پيهرين ڪڏهن بہ ٻين لاءِ اهڙو پيار نہ ڏٺو آهي۔“
ٻيو دوست: ”۽ هميشہ ڪاوڙ ۾ رهڻ وارو جيڪ، هاڻي اوچتو ڪيترو سٺو دوست بڻجي ويو آهي۔ هاڻي هو ڪنهن کي بددعا بہ نہ ٿو ڏي۔ ڪجھہ هفتن ۾ هو ڪيترو تہ بدلجي ويو آهي۔“
پيهريو دوست: ”هي ضرور اُنهي يسوع جي ڪري ٿيو هوندو جنهن تي هو ايمان رکن ٿا۔ هو ڪيئن ٻين سان پيار ڪن ٿا تون انهي مان ڏسي سگھين ٿو تہ اُهي مسيحي آهن۔“
ٻيو دوست: ”اهي هر روز دعا ڪن ٿا۔ منهنجي لاءِ هي حيراني واري ڳالهہ آهي تہ انهن وٽ ايترو وقت آهي هي ڪرڻ لاءِ۔ ۽ اُهي خوش بہ نظر اچن ٿا۔ هو سٺا دوست بہ آهن۔“
پيهريو دوست: ”۽ ٿورو سوچ، يوسف پنهنجي ٻني مان هڪ ايڪڙ وڪڻي ڇڏيو ۽ ان جي بدلي ۾ جيڪو پئسو مليو اهو سڀ ڏئي ڇڏيو۔ هن اُهو پئسو چرچ جي سربراہ وٽ آندو، جنهن سمورو پئسو غريبن ۾ ورهائي ڇڏيو۔“
ٻيو دوست: ”ڇا هو چريو ٿي ويوآهي؟“
پيهريو دوست: ”انهن مان ڪجھن تہ پنهنجا گھر بہ وڪڻي ڇڏيا آهن ۽ پنهنجو سڀ ڪجھہ غريبن کي ڏئي ڇڏيو آهي۔“
ٻيو دوست: ”اُهي سڀ گڏجي ملي ڪيئن رهي سگھن ٿا۔ لالچ ڪرڻ جي بجاءِ، هي هڪ ٻئي سان ورهائي رهيا آهن۔“
اهي ماڻهو بدلجي ويا آهن۔ اهي هڪ ٻئي سان پيار ڪرڻ لڳا آهن۔ ٻين اهو ڏٺو ۽ حيران ٿيڻ لڳا۔
مسيحيين جي زندگي بالڪل اهڙي هوندي آهي جيئن خدا بائبل ۾ سيکاريو آهي۔
(گيت جو ساز پس منظر ۾ وڄايو وڃي)
پاڪ روح اسان جي زندگين ۾ رڳو چڱائي کي وڌائي ٿو۔ محبت، خوشي، امن، صبر، مهرباني، نيڪي، ايمانداري، نرمي ۽ پاڻ تي قابو ڪرڻ۔ ڇا توهان جي زندگي ۾ اهڙا ميوا نظر اچن ٿا؟
مسيح تي ايمان آڻيو، هو توهان کي بدلائي ڇڏيندو۔ جڏهن ڪنهن جو دل بدلجي وڃي ٿو، پوءِ هر ڪو ان جي اندر هن تبديلي جا نشان ڏسي سگھي ٿو۔ ڇا ماڻهو توهان ۾ اهي خوبيون ڏسي سگھن ٿا؟
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ٻار، ٻہ دوست
ynamreG FEC :thgirypoC ©