Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 141 (Up at 5.00 o'clock 2)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
141. صبح جو 5 وڳي اٿڻ 2
(الارم واري گھنٽي جي آواز)
صبح پنجين بجي الارم بند ٿي ويو۔ هدسن ٽيلر اٿي ويو۔
ڇوڪرو: ”اِتري جلدي! ڇو؟“
هو چاهيندو هو تہ بائبل پڙهڻ لاءِ هن وٽ تمام گھڻو وقت هجي ۽ ڪو بہ کيس تنگ نہ ڪري۔ هي سندس تربيت جو پهريون سبق هو ڇاڪاڻ تہ هو هڪ مشنري ٿيڻ چاهيندو هو۔ ان کان علاوہ، هن راندين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو جيئن هو چست ۽ چوڪس رهي سگھي۔
هي بلڪل ائين هو جيئن 051 سال گذري ويا هجن۔ هدسن ٽيلر يسوع کي پيار ڪندو هو ۽ هڪ مشنري ٿيڻ چاهيندو هو۔
(کڙکڙائڻ جي آواز)
هدسن ٽيلر: ”هيلو پادري صاحب، ڇا توهان مونکي چين ملڪ جي باري ۾ ڪا ڪتاب ڏئي سگھو ٿا؟“
پادري: ”چين جي باري ۾ ڪتاب ڇو؟“
هدسن ٽيلر: ”يسوع چاهي ٿو تہ مان هڪ مشنري ٿيان۔“
پادري: ”۽ تون چين ڪيئن ويندين؟“
هدسن ٽيلر: ”مونکي اڃا تائين اِها معلوم ناهي۔ مان مسيح يسوع تي ڀروسو رکندس ۽ هو منهنجي راهنمائي ڪندو۔“
يسوع تي ڀروسو ڪرڻ تمام ضروري آهي۔ اسان هي سکي سگھون ٿا۔ هدسن ٽيلر يسوع سان هڪ واعدو ڪيو جنهن سان هن کي مدد ملندي۔
هدسن ٽيلر: ”خداوند يسوع، جڏهن بہ مونکي ڪا بہ شيءِ جي ضرورت هندي تہ مان صرف توکان گھرندس۔“
هدسن امير نہ هو۔ هن وٽ ڪل رقم جيڪا هئي سا تمام ٿوري هئي، جيڪا ٽي ڊالر هئي۔ باوجود هن جي هُو خوش هو ۽ هڪ غريب سان ملڻ ويو۔
مرد: ”ٽيلر صاحب، مهرباني ڪري مون سان گڏ هلو ۽ منهنجي زال لاءِ دعا ڪريو۔ هوءَ تمام بيمار آهي۔“
هدسن اُن ماڻهو جي پٺيان هلندو رهيو ۽ هڪ ننڍڙي ۽ گندي ڪمري ۾ پهتو۔ جڏهن هن بکايل ۽ اڃايل ٻارن ۽ بيمار زال کي ڏٺو جيڪا بالڪل مرڻ تي هئِي، هن انهن لاءِ دعا ڪئي ۽ پنهنجا اِهي پئسا بہ انهن کي ڏئي ڇڏيا۔ هن صرف يسوع کي ٻڌايو تہ هن وٽ شام لاءِ ڪابہ کاڌو نہ آهي۔ تڏهن يسوع هن جي اعتبار جو انعام هن کي ڏنو۔ هڪ خط جي ذريعي معجزو ٿيو: هڪ اڻڄاڻ ماڻهو طرفان 12 ڊالر! ۽ اُها بيمار عورت وري ٺيڪ ٿي وئي۔
هدسن ڊاڪٽر هارڊي وٽ ڪم ڪندو هو۔ هو هڪ سٺو ڊاڪٽر هو، پر هن جي ياداشت ايتري سٺُي نہ هئي۔
ڊاڪٽر هارڊي: ”ٽيلر، ڇا مون اڃا تائين توکي تنهنجي پگھار ڏني آهي يا نہ؟“
هدسن ٽيلر: ”نہ۔“
ڊاڪٽر هارڊي: ”مونکي معاف ڪر، مون سارا پئسا بينڪ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن۔ تون مون کي ياد ڏيارين ها۔“
پر هي هدسن جي واعدي خلاف هو ڇاڪاڻ تہ کيس هر ڳالهہ يسوع کي ٻڌائڻي هئي۔ پر هاڻ هو پنهنجو ڪرايو ڪيئن ڏيندو؟ ڊاڪٽر هارڊي هڪ دفعو وري استقباليا واري ڪمري ۾ آيو۔
ڊاڪٽر هارڊي: ”هي وٺ تنهنجي پگھار۔ هڪ مريض ان وقت اتان آيو ۽ پنهنجو بل ادا ڪرڻ چاهيندو هو۔“
يسوع هن طرح سان هدسن جو خيال رکندو هو۔ هو هر اُن شخص جو خيال رکندو آهي جيڪو اُن تي اعتبار ڪندو آهي۔ بعد ۾ هدسن دوائن جي باري ۾ لنڊن مان تعليم حاصل ڪئي۔ هن جي يونيورسٽي جي اسپتال ۾ هن سان ڪجھہ تمام خراب ٿيو۔
توهان ان جي باري ۾ ايندڙ ڊرامي ۾ ٻڌندا۔
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، هدسن ٽيلر، پادري، ڊاڪٽر هارڊي، ڇوڪرو، مرد
ynamreG FEC :thgirypoC ©