Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 125 (Deadly arrow 2)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

521. جان ليوا تير 2


هڪڙي ماڻهو ۾ اها همت هئي جو هو سچ ڳالهائي سگھي۔ 004 جي خلاف هڪ!

ميڪاياہ: ”بادشاهہ اخي اب، خدا نٿو چاهي تہ هي جنگ ٿئي۔ جيڪڏهن تون هن جي ڳالهہ نٿو مڃين تہ تون پنهنجي جان وڃائيندين۔“

اخي اب: ”ڇا توهان اهو ٻڌو؟ هي مون کي منهنجي موت جي خبر ڏي رهيو آهي۔ ان کي قيد ۾ وجھو۔ هينئر ئي!“

اخي اب بادشاهہ رڳو ائين ڏيکاري رهيو هو تہ هو خدا جي ڳالهہ ٻڌي رهيو آهي۔ هن پنهنجي دماغ ۾ اهو فيصلو پڪو ڪيل هو تہ رامات شهر تي حملو ڪرڻو آهي۔

جيڪو بہ خدا جي ڳالهہ نٿو ٻڌي اهو پنهنجي جان کي خطري ۾ وجھي ٿو۔ اخي اب جي دشمنن جي جاسوسن اخي اب جو منصوبو لڪي ٻڌي ورتو۔

جاسوس: ”جڏهن پاڻ اخي اب ۽ هن جي فوج سان جنگ ڪنداسين، تہ سپاهين کي نہ پر بادشاهہ کي مارجو۔“

پر اخي اب هوشيار هو۔

اخي اب: ”يهوسفط بادشاهہ، مان پنهنجا ڪپڙا بدلائيندس، پر تون پنهنجي بادشاهي ڪپڙن ۾ ئي رهجان۔ ۽ پوءِ اسين ٻئي جنگ لاءِ وينداسين۔“

يهوسفط بادشاهہ ساڻس گڏ ويو۔ مون کي سمجھہ ۾ نہ آيو، تہ هن خدا جي ڳالهہ ڇو نہ ٻڌي؟ باقي هو هميشہ خدا جي مدد سان فيصلو ڪندو هو۔

هي هڪ مشڪل جنگ هئي۔ ۽ دشمنن جو نشانو رڳو بادشاهہ هو۔

توهان ضرور اندازو لڳائي سگھو ٿا تہ ڇا ٿيو هوندو۔ جڏهن دشمنن يهوسفط بادشاهہ کي شاهي ڪپڙن ۾ ڏٺو تہ هنن سوچيو تہ اهو اخي اب بادشاهہ آهي ۽ ان تي نشانو لڳايو۔ يهوسفط پنهنجي جان بچائڻ لاءِ رڙيون ڪري رهيو هو۔ هاڻي هن کي سچ جو پتو پيو: جيڪو بہ خدا جي ڳالهہ نٿو ٻڌي اهو پنهنجي جان کي خطري ۾ وجھي ٿو۔ يهوسفط مرڻ وارو هو۔ پر خدا دشمنن کي روڪيو تہ هو ان تي نشانو نہ لڳائين۔

هڪ سپاهي پنهنجي ڪمان کنئي ۽ بغير نشاني تير هلائيندو ويو ۽ بادشاهہ اخي اب کي نهايت زخمي ڪري ڇڏيو۔ شام جي وقت هو مري ويو۔ هن پنهنجي جان وڃائي ڇڏي ڇو تہ هن خدا جي ڳالهہ نہ ٻڌي هئي۔

۽ يهوسفط کي هوش ۾ آندو ويو۔

ڇا هاڻي هو ڪڏهن بہ خدا جي بغير ڪو فيصلو ڪندو؟

جيڪو بہ خدا جي ڳالهہ نٿو ٻڌي اهو پنهنجي جان کي خطري ۾ وجھي ٿو۔ يهوسفط بادشاهہ اهو رستو چونڊيو جنهن تي هو خدا جي ساٿ جي بغير هليو۔ ان کان پوءِ هو انهن سڀني ڳالهين لاءِ شرمندہ هو۔

جڏهن توهان جا آس پاس وارا دوست بہ اهو سوچين تہ خدا جي ڳالهہ ٻڌڻ ۾ ڪو فائدو ناهي تہ پوءِ ان مڇي جيان ٿي وڃو جيڪا وهندي پاڻي جي سامهون هلندي آهي۔ اهو نہ سوچيو تہ ٻيا ڇا سوچيندا، پر خدا جي ڳالهہ ٻڌو۔ ۽ انهن ماڻهن کان مشورو وٺو جيڪي مسيح کي ڄاڻين ٿا ۽ ان کان پيار ڪن ٿا۔

جيڪو بہ خدا جي ڳالهہ نٿو ٻڌي اهو پنهنجي جان کي خطري ۾ وجھي ٿو۔ مون کي حقيقي خوشي ملي ٿي جڏهن مان خدا جي ڳالهہ ٻڌان ٿي، ڇو تہ مون کي معلوم آهي تہ هو مون لاءِ بهتر فيصلو ڪندو۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، اخي اب، ميڪاياہ، جاسوس

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 31, 2025, at 10:17 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)