STORIES for CHILDREN by Sister Farida(www.wol-children.net) |
|
Home عربي |
Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 010 (A Christmas quiz) This page in: -- Albanian -- Arabic -- Armenian -- Aymara -- Azeri -- Bengali -- Bulgarian -- Cebuano -- Chinese -- English -- Farsi -- French -- Fulfulde -- German -- Greek -- Guarani -- Hebrew -- Hindi -- Indonesian -- Italian -- Japanese -- Kazakh -- Korean -- Kyrgyz -- Macedonian -- Malagasy -- Malayalam? -- Platt (Low German) -- Portuguese -- Punjabi -- Quechua -- Romanian -- Russian -- Serbian -- SINDHI -- Slovene -- Spanish-AM -- Spanish-ES -- Swedish -- Swiss German? -- Tamil -- Turkish -- Ukrainian -- Urdu -- Uzbek
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو 01. ڪرسمس بابت سوالن جو مقابلواڄ ڪرسمس جي باري ۾ سوالن جو مقابلو آهي جئين اسين توهان وعدو ڪيو هو۔ ٻار: ”منهنجو خيال آهي مون کي سب سوالن جا جواب اچن ٿا!“ منهنجو بہ ساڳيو خيال آهي! ڪرسمس هڪ سالگرہ آهي۔ مسيح جي سالگرہ۔ هر سال ماڻهون هن جي سالگرہ پُوري دنيا ۾ ملهائيندا آهن۔ آئون پاڻ بہ۔ آئون ڏاڍو خوش آهيان تہ دنيا کي بچائڻ وارو پيدا ٿيو هو۔ جڏهن يسوع 0002 سال اڳ پيدا ٿيو، هڪ فرشتو رات جو آيو۔ ”ڍڄو نہ!“ فرشتي ڌراڙن کي جيڪي پنهنجي رڍن جي حفاظت ڪري رهيا هئا انهن کي چيو تہ، ”مون وٺ اوهان جي لاءِ هڪ خوشخبري آهي۔ خوشي ڪريو! داؤُد جي شهر ۾ توهان کي بچائڻ وارو پيدا ٿيو آهي۔ هو مسيح آهي، يسوع ميسح، اسان جو مالڪ، توهان هڪ ٻار کي ڪپڙي ۾ وڙيل ۽ آهوري ۾ ستل ڏسندا۔“ اوچتو فرشتن جو هڪ ٽولو ظاهر ٿيو ۽ چوڻ لڳو تہ: ”خدا جا واکاڻ ٿين! نجات ڏيندڙ پيدا ٿِي ويو آهي!“ خدا ماڻهن سان جام پيار ڪري ٿو، ۽ هو اوهان سان بہ پيار ڪري ٿو! هاڻي پاڻ ڪرسمس جي سوالن جو مقابلو شروع ڪريون ٿا۔ ڇا توهان تيار آهيو؟ آئون هر سوال جا ٻہ جواب توهان کي ڏيندس۔ پر صرف هڪ ئي صحيح جواب هوندو۔ توهان کي صحيح جواب لکڻو آهي۔اچو شروع ڪريون۔ 1۔ يسوع ڪٿي پيدا ٿيو هو؟ بيت لحم يا قاهرہ ۾؟ 2۔ يسوع جي ماءِ جو نالو ڇا هو؟ سارہ يا مريم؟ 3۔ يوسف ڇا ڪم ڪندو هو؟ بجلي جو يا ڪاٺ جو؟ 4۔ فرشتن ڪنهن کي ٻڌايو تہ دنيا کي نجات ڏيڻ وارو پيدا ٿيو آهي؟ ڌراڙن کي يا هيروديس کي؟ توهان مون کي خط جي زريعي جواب موڪلي سگھو ٿا۔ ۽ ياد رکو تہ جي توهان مون کي خط موڪليو ٿا تہ پنهنجي گھر جو پتو بہ موڪلجو۔ ٻار: ”هي تہ ڀلو آهي، آئون هي هينئر ئي ڪران ٿو!“ منهنجو توهان کي مشورو آهي تہ: جي اوهان وٺ بائبل آهي تہ لوقا 2 باب پڙهو جتي توهان کي يسوع جي پيدايش جي ڪهاڻي ملندي ۽ اُتي اوهان کي صحيح جواب ملندا۔ ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ٻار ynamreG FEC :thgirypoC © |