STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 132 (Fish and questions at breakfast)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

231. مڇي سان ناشتو ۽ سوال


سڀ واقعا تمام جلدي جلدي ٿيا۔ جيڪڏهن ان دور ۾ اخبار هجي ها تہ، تہ 33 هين صدِي جي اخبار جو پهريون صفحو ڪجھہ اهڙو هجي ها۔

پڙهڻ وارو مرد: ”جنهن ڏينهن يسوع مري ويو هر طرف اونداهائي ڇائنجي وئي۔“

پڙهڻ واري عورت: ”مئل ماڻهو زندہ ٿي ويا آهن ۽ شهر ۾ داخل ٿي ويا آهن۔“

پڙهڻ وارو مرد: ”زلزلي سان جبل ۾ دراڙون پئجي ويون۔“

پڙهڻ وارو مرد: ”صوبيدار قبول ڪيو تہ يسوع ئي خدا جو پٽ آهي۔“

پڙهڻ وارو مرد: ”يسوع جا آخري لفظ: پُورو ٿيو!“

پڙهڻ واري عورت: ”۽ پهرين صفحي تي وڏن اکرن ۾ لکيل هجي ها: قبر خالي آهي!“

ڇا هي يروشلم ٽائمز جي اخبار ۾ هو؟ نہ، هي انهن ماڻهن جا بيان هئا جن پنهنجين اکين سان هي سڀ ڏٺو ۽ انهن جو ذڪر بائبل ۾ آهي، اهي بيان جيڪي توهان کي پاڻ پڙهڻا پوندا۔

قبر خالي آهي۔ يسوع زندهہ آهي! پاڻ زندہ ٿيڻ کانپوءِ هو پنهنجي شاگردن وٽ ويو۔ اهي اڃا تائين افسوس ڪري رهيا هئا ۽ ڊپ ۾ هئا۔ پر جڏهن انهن يسوع کي ڏٺو، اهي تمام گھڻو خوش ٿي ويا۔

ان کانپوءِ، پطرس ۽ ٻيا شاگرد يروشلم کان نڪريا ۽ گليل ۾ پنهنجي گھرن ۾ هليا ويا۔

پطرس: ”مان مڇي جو شڪار ڪرڻ وڃي رهيو آهيان۔“

يوحنا: ”اسان بہ تون سان گڏ هلنداسين۔“

شام وقت، اهي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي سمنڊ ۾ هليا ويا۔ پر سڄي رات انهن ڪا مڇي نہ جھلي۔ پر جڏهن صبح ٿيڻ لڳي، تہ يسوع ڪناري تي بيٺو هو۔ شاگرد اهو نہ ڄاڻندا هئا تہ هي اهو ئي آهي۔

يسوع: ”ڇا توهان وٽ کائڻ لاءِ ڪجھ آهي؟“

يوحنا: ”نہ۔“

يسوع: ”پنهنجا ڄار ٻيڙي جي ساڄي پاسي وڌو۔“ (پاڻي جي ڇنڊن جي آواز)

پطرس: ”ڄار ڀرجي ويو آهي۔“

يوحنا: ”هي ضرور يسوع آهي، خداوند!“

اهي ڪناري کان صرف 003 فوٽ پري هئا ۽ ايترو شڪار ڪيو جو 351 مڇيون پڪڙي آيا۔

يسوع: ”اچو نيرن ڪري وٺو!“

باھ تي ماني ۽ مڇي پچيل هئي۔ هي ٽيون ڀيرو هو جو يسوع پنهنجن شاگردن تي ظاهر ٿيو۔ پطرس جو ضمير کيس ملامت ڪرڻ لڳو۔ کيس اهو وقت ياد اچڻ لڳو جڏهن هن ٽن ڀيرا يسوع کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو هو۔ کاڌي کانپوءِ، يسوع پطرس سان اڪيلائي ۾ ڳالهايو۔

يسوع: ”پطرس ڇا تون مون سان محبت رکين ٿو؟“

پطرس: ”ها مالڪ، توهان تہ ڄاڻو ٿا مان توهان سان محبت رکان ٿو۔“

يسوع: ”پطرس ڇا تون مون سان محبت رکين ٿو؟“

پطرس: ”ها مالڪ، توهان تہ ڄاڻو ٿا مان توهان سان محبت رکان ٿو۔“

يسوع: ”پطرس ڇا تون مون سان محبت رکين ٿو؟“

پطرس اداس ٿي ويو ڇو تہ يسوع کيس ٽن ڀيرا پڇيو۔

پطرس: ”يسوع توهان سڀ ڪجھ ڄاڻو ٿا۔ توهان تہ ڄاڻو ٿا مان توهان سان محبت رکان ٿو۔“

ڇا اڄ توهان بہ يسوع کي اهو ئي جواب ڏيندؤ؟

يسوع پطرس کي معاف ڪري ڇڏيو هو۔ جنهن کي وڌيڪ معاف ڪيو وڃي ٿو، اهو ايترو ئي وڌيڪ يسوع سان محبت رکي ٿو۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، پڙهڻ وارو مرد، پڙهڻ وارِي عورت، پطرس، يوحنا، يسوع

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 31, 2025, at 03:08 PM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)