Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 107 (Lame excuses)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
701. ڪمزور بهانو
ڊرڪ ڪتابي ڪِيڙو آهي۔ مارڪ ٽوين، سي۔ ايس۔ لوئيس، هُو اِن سڀ جون ڪتابون وڏي شوق سان پڙهندو آهي۔ پر هڪ اهڙي ڪتاب آهي جنهن کي پڙهي کيس مزو نٿو اچي۔
ڊرڪ: ”بائبل منهنجي لاءِ ناهي۔“
ڇوڪرِي: ”ڇا لاءِ؟“
ڊرڪ: ”هن ۾ ڪيتريون ئي شيون آهن جيڪي مون کي سمجھہ ۾ نہ ٿيون اچن۔“
ڇوڪرِي: ”هيءُ تہ بلڪل سستي وارو بهانو آهي۔ مون کي خبر آهي تہ توکي ڪجھہ تہ سمجھہ ۾ ايندو هوندو۔“
ڊرڪ: ”مثال طور، ڇا؟“
ڇوڪرِي: ”جيئن تہ توکي چوري نہ ڪرڻي گھرجي۔“
واه هيءُ ڳالهہ ڊرڪ کي تير وانڳر لڳي۔ سندس چهرو ڳاڙهو ٿي ويو ۽ هو ترت پري هليو ويو۔
ڇا توهان ڪڏهن ٻڌو آهي تہ بائبل هڪ اهڙي ڪتاب آهي جنهن ۾ ٻيا بہ ڪتاب موجود آهن؟
ڇوڪرو: ”ڪتاب ڇاپڻ جي مشين جي ايجاد ٿيڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين بائبل کي ڇاپيو ويو هو۔“
ڇوڪرِي: ”بائبل جو 0061 کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي۔“
ڇوڪرو: ”سڀ کان ننڍي بائبل انگلينڊ ۾ ڇاپي وئي هئي ۽ هيءُ صرف هڪ ماچس جي دٻي جيتري وڏي هئي۔“
ڇوڪرِي: ”دنيا جي سڀ کان وڏي بائبل ڪاٺ جي مدد سان تيار ڪئي وئي هئي ۽ هن جو وزن 68801 ڪِلو آهي۔“
ڇوڪرو: ”بائبل سڀ کان وڌيڪ پسند ڪئي ويندڙ ڪتاب آهي، پر گھڻا ماڻهو هن کان نفرت بہ ڪن ٿا۔“
ڇوڪرِي: ”بائبل جو ليکڪ خدا آهي، ۽ تقريباً 04 ماڻهن هن کي لکيو جيڪو ڪجھہ خدا کين چيو۔“
ڇوڪرو: ”جيڪو بہ بائبل کي پڙهي ٿو ۽ خدا جي ڪلام تي يقين ڪري ٿو هو هڪ نئون ماڻهو بڻجي ويندو۔ ۽ ڪو بہ ڪتاب ڪنهن ماڻهو کي هن طريقي سان تبديل نٿِي ڪري سگھي۔“
ڇوڪرِي: ”بائبل ۾ تقريباً 03 لک لفظ آهن۔ جيڪڏهن توهان ڏينهن ۾ 4 باب پڙهو تہ توهان هڪ سال ۾ پوري بائبل پڙهي سگھو ٿا۔“
ڇوڪرو: ”انگلينڊ ۾ هڪ ماڻهو 001 دفعا بائبل کي پڙهي چڪو آهي!“
هڪ ماڻهو کي پنهنجي دوست جي بائبل ملي جنهن ۾ گولين جا نشان هئا۔ هن سوچيو هيءُ تہ خراب ۽ غلط ڳالهہ آهي۔ ڪير ائين خراب طريقي سان خدا جي ڪلام کي رکي ٿو؟ هو حيران هو۔
سندس دوست کي سمجھہ اچي وئي تہ هو ڇا سوچي رهيو آهي۔
مرد: ”منهنجي بائبل جنهن ۾ گولين جا نشان لڳل آهن هن جي باري ۾ مون کي خوشي آهي۔ جنگ دوران، مان هڪ فوجي هئس ۽ پهرين قطارن ۾ وڙهي رهيو هئس۔ اسان ريڙهي ريڙهي هڪ خندق کان ٻِي خندق تائين ويندا هئاسين۔ اوچتو مون کي پنهنجي سيني تي زور محسوس ٿيو ۽ سخت تڪليف ٿِي۔ ڇا ٿيو هو؟ دشمن مون تي نشانو لڳايو ۽ مون کي گولي هنئي۔ پر مان هميشہ پنهنجي ننڍي بائبل پنهنجي سامهون واري کيسي ۾ رکندو هئس۔ گولي بائبل مان گذري وئي ۽ مون کي ٿورو زخمي ٿيو۔ جيڪڏهن بائبل نہ هجي ها، تہ گولي منهنجي دل ۾ لڳي ها۔ هن منهنجي جان بچائي ورتِي۔ ۽ رُوڳو هڪ ڀيرو نہ، پر ٻہ ڀيرا۔ پهرين ڀيرو هن مون کي تڏهن بچايو جڏهن مون پڙهيو تہ يسوع ئي اهڙي هستي آهي جيڪا مون کي منهنجي گناهن کان نجات ڏئي سگھي ٿي۔ ۽ ٻيو ڀيرو تڏهن جڏهن هن مون کي اُن خطرناڪ گولي کان بچايو۔“
آءُ روز بائبل پڙهندو آهيان۔ ڇا توهان بہ پڙهندا آهيو؟ جيڪڏهن توهان کي بائبل پسند آهي تہ مون کي لکي موڪليو۔ بائبل ۾ لکيل آهي: ”تنهنجو ڪلام منهنجي راهہ جو ڏيئو ۽ منهنجي واٽ لاءِ سوجھرو آهي۔“ (زبور 911: 501)
هي سوجھرو توهان کي رستو ڏيکاري ٿو تہ توهان گمراهہ نہ ٿيو پر خدا ڏانهن وڃڻ وارو رستو تلاش ڪري سگھو۔
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، دِرڪ، ڇوڪرِي، ڇوڪرو، مرد
ynamreG FEC :thgirypoC ©