Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 098 (Punishments and promises 2)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
89. واعدا ۽ سزائون 2
عورت: ”هي برسات ڪڏهن بند ٿيندي؟“
مرد: ”ڇا نوح بلڪل صحيح چئي رهيو هو؟“
(ٻيڙيءَ تي مُڪ هڻڻ جي آواز)
سڀ: ”اسان جي مدد ڪريو! نوح، کوليو، اسان کي اندر اچڻ ڏيو!“
هاڻي تمام دير ٿي چڪي هئي۔ خُدا پاڻ دروازو بند ڪيو هو۔ ماڻهن اُن جي ڳالهہ نہ مڃي هئي، ۽ هاڻي اُنهن کي نتيجو برداشت ڪرڻو هو۔ اُن ماڻهن سان هميشہ ائين ئي ٿيندو آهي جيڪي خُدا جي خلاف هلڻ جو فيصلو ڪن ٿا۔
پاڻي مٿي چڙهندو ويو۔ ۽ سڀ ڪجھہ ائين ٿيندو ويو جيئن خُدا چيو هو، 04 ڏينهن ۽ 04 راتيون رُوڳي برسات، برسات ۽ برسات۔
اهي ماڻهو نااُميد ٿي، ڇتين تي ۽ جبلن تي چڙهي ويا۔ پر پوءِ بہ سڀ کان اُوچا مقام بہ 61 فوٽ پاڻي جي اندر هئا۔ هر جاندار شيءِ اُن وڏي ٻوڏ ۾ ٻڏي وئي۔ صرف نوح ۽ جيڪي هن سان گڏ هئا اهي سڀ بچي ويا۔
پاڻي لهڻ ۾ پورو هڪ سال لڳي ويو۔
نوح: ”منهنجي خيال ۾ زمين وري خشڪ ٿي وئي هوندي۔ مان هڪ ڪانءُ کي ٻاهر موڪليندس۔“
نوح هڪ ڳيري سان بہ ائين ئي ڪيو۔ هو ڏسڻ چاهيندو هو تہ ڇا پکين کي ٻاهر ڪجھہ اهڙو ملي ٿو جنهن تي هو ڪنهن جاءِ تي لهي سگھن۔ پر اُنهن کي ڪا خشڪ جاءِ نہ ملي ۽ هو واپس ٻيڙيءَ ۾ اچي ويا۔ هڪ هفتو گذري ويو۔
نوح: ”مان هڪ ٻيو ڳيرو اُڏائيندس۔“
(دريءَ جي کُلڻ جي آواز، پکين جي پَرَ جو آواز)
نوح جي زال: ”ڏسو! هو پنهنجي چونڀ ۾ سائي ٽاريءَ کڻي اچي رهيو آهي۔“
نوح: ”هاڻي گھڻي دير ناهي۔“
جڏهن نوح ٽين ڀيري ڳيرو اُڏايو، اهو وري ڪڏهن واپس نہ آيو۔ هڪ سال کان پوءِ، پاڻي ختم ٿي چڪو هو ۽ زمين وري خشڪ ٿي چڪي هئي۔
خُدا چيو: ”نوح، پنهنجي خاندان سان گڏ ٻيڙيءَ مان ٻاهر نڪري اچ۔ ۽ سڀني پکين ۽ جانورن کي بہ ٻيڙي ڇڏي وڃڻو هوندو۔ برڪت ماڻو ۽ زمين کي آباد ڪريو۔“
جيترا ماڻهون بچي ويا هئا اهي سڀ ٻيڙيءَ مان ٻاهر نڪتا ۽ خشڪ زمين تي آيا۔
جيڪڏهن توهان نوح هجو تہ توهان سڀ کان پهرين ڇا ڪريو ها؟
هن خُدا لاءِ قربانگاهہ ٺاهي ۽ اُن تي قرباني پيش ڪئي۔ هن پنهنجي نجات جي شڪرگذاري هن طريقي سان ڪئي۔ نوح خُدا کي پنهنجي زندگي ڏئي ڇڏي۔ ۽ خُدا هن کان خوش ٿيو۔
خُدا چيو: ”مان وري ڪڏهن بہ ٻوڏ سان زمين کي تباهہ نہ ڪندس۔ جيستائين زمين قائم رهندي، گرمي ۽ سيارو، ڏينهن ۽ رات رهندا۔ مان عهد ڪندس۔ ۽ ان عهد جو نشان اِنڊلَٺِ ٿيندي۔“
آسمان ۾ سڀ کان پهرين اِنڊلَٺِ ظاهر ٿي، ڪيڏا پيارا رنگ! ۽ اڄ تائين هيءَ اسان کي ياد ڏياري ٿي تہ خُدا وفادار آهي۔ هو پنهنجي لفظن کي پورو ڪري ٿو۔ توهان اُن تي 001 سيڪڙو ڀروسو ڪري سگھو ٿا۔ جڏهن بہ توهان وري اِنڊلَٺِ ڏسو تہ اُن جي باري ۾ سوچجو۔
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، عورت، مرد، نوح، نوح جي زال، خدا
ynamreG FEC :thgirypoC ©