Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 095 (I can't see Him)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
59. آئون ان کي ڏسي نہ ٿي سگهان
زبردست، مون وٽ انڪي جي طرفان هڪ خط آهي۔ مان ڄاڻڻ ٿي چاهيان تہ هن ڇا لکيو هوندو؟
(خط کي ڦاڙي کولڻ جي آواز)
انڪي: ”آداب! مون کي ڊراما تمام، تمام گھڻا پسند آهن۔ مان گيت ۽ موسيقي هر وقت ٻڌي سگھان ٿي۔ منهنجي عمر 01 سال آهي ۽ مون کي بائبل جون دلچسپ ڪهاڻيون تمام گھڻيون پسند آهن۔ مان تمام خوش آهيان تہ خدا مون سان پيار ڪري ٿو۔ مذهب منهنجو پسنديدہ سبجيڪٽ آهي۔ خدا حافظ، توهان جي فرمانبردار، انڪي۔“
آءُ خوشيءَ سان انڪي جي خواهش پوري ڪرڻ چاهيان ٿِي۔
هي رهيو گيت، ”مان ان کي ڏسي نٿي سگھان، مان ان کي ٻڌي نٿي سگھان پر هو هتي موجود آهي!“
مون کي يقين آهي توهان بہ جلد ئي سکي وٺندا ۽ پوءِ گڏ ڳائيندا۔
(پس منظر ۾ ساز) بيان ڪندڙ وڏي آواز ۾ پڙهي ٿي:
مان ان کي ڏسي نٿي سگھان، مان ان کي ٻڌي نٿي سگھان پر هو هتي موجود آهي!
حالانڪہ مان خدا کي ڏسي نٿي سگھان، پر يسوع جي ڪري هو مون وٽ آهي۔
جيڪو بہ ان تي يقين نٿو رکي ۽ جيڪو بہ هن ڳالهہ کي نٿو سمجھي،
هو منهنجي گيت کي ٻڌي تہ مان ڪيئن ڳايان ٿِي۔
مان ان کي ڏسي نٿي سگھان، مان ان کي ٻڌي نٿي سگھان پر هو هتي موجود آهي!
حالانڪہ مان خدا کي ڏسي نٿي سگھان، پر يسوع جي ڪري هو مون وٽ آهي۔
ڪنهن کي بہ هر وقت هي نظر نٿو اچي تہ يسوع اسان جي دنيا ۾ رهي ٿو۔
جيتوڻيڪ ڪجھہ ماڻهو پاڻ کي مسيحي چون ٿا، پر هو خدا کي وساري چڪا آهن۔
مان ان کي ڏسي نٿي سگھان، مان ان کي ٻڌي نٿي سگھان پر هو هتي موجود آهي!
حالانڪہ مان خدا کي ڏسي نٿي سگھان، پر يسوع جي ڪري هو مون وٽ آهي۔
جڏهن اسين يسوع سان وفادار رهون ٿا ۽ خوشيءَ سان ان سان گڏ هلون ٿا،
تہ پوءِ ٻيا ڏسندا تہ يسوع اسان ۾ رهي ٿو۔
مان ان کي ڏسي نٿي سگھان، مان ان کي ٻڌي نٿي سگھان پر هو هتي موجود آهي!
حالانڪہ مان خدا کي ڏسي نٿي سگھان، پر يسوع جي ڪري هو مون وٽ آهي۔
قدرت تي نظر وجھو جيڪا ان جي جلال جو بيان ڪري رهي آهي،
جنگل، چراگاهون، وڏا ميدان – هي سڀ ڪجھہ خدا ٺاهيو آهي!
مان ان کي ڏسي نٿي سگھان، مان ان کي ٻڌي نٿي سگھان پر هو هتي موجود آهي!
حالانڪہ مان خدا کي ڏسي نٿي سگھان، پر يسوع جي ڪري هو مون وٽ آهي۔
مان جڏهن بہ ڪنهن خطري ۾ پئي آهيان خدا مون کي بچايو آهي۔
هن هر قسم جي مشڪل ۾ منهنجي مدد ڪئي آهي۔
مان ان کي ڏسي نٿي سگھان، مان ان کي ٻڌي نٿي سگھان پر هو هتي موجود آهي!
حالانڪہ مان خدا کي ڏسي نٿي سگھان، پر يسوع جي ڪري هو مون وٽ آهي۔
خوشي ملهايو، ڇو تہ خدا موجود آهي۔ هو توهان ساڻ بہ آهي۔
يسوع چيو: توهان کي هي خبر هجڻ کپي، مان هميشہ توهان ساڻ آهيان، هر ڏينهن، بلڪہ دنيا جي پڇاڙِي تائين۔ (متي 82: 02)
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، انڪي
ynamreG FEC :thgirypoC ©