STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 043 (Good news 2)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

34. خوشخبري 2


بازار تائين وڃڻ جو رستو تمام ڏکيو هو۔ طیفام ۽ ان جي ماءُ پنهنجي مٿي تي لاهوري گجر سان ڀريل وزني ٽوڪرا کنيل هئا۔ انهن کي اميد هئي تہ انهن ٽوڪرن جي بدلي ۾ انهن کي گھڻا پيسا ملندا، ۽ پوءِ اورَسٽل جي زال پنهنجي ڌيءَ لاءِ نوان ڪپڙا وٺي سگھندي۔ ان وٽ جيڪو وڳو پاتل هو، اُن وٽ اهو هڪ ئي هو اهو بہ پراڻو هو ۽ ڦاٽيل هو۔ طیفام جا ماءُ پيءُ غريب هئا۔ ان جو پيءُ هميشہ بدروحن جي لاءِ سڀ کان سٺي قرباني پيش ڪندو هو، پر ان جي بدلي ۾ ڪڏهن بہ ان جي دل کي سکون نہ مليو هو۔ اوچتو طیفام کي مريم جو خيال آيو۔ ان جي ساهيڙي هاڻي تعويذ کي ڇڏي ڏنو هو ڇو تہ هو مسيحِي ٿي وئي هئي۔

آخرڪار اهي بازار پهچي ويون۔ اتي گھڻو ڪجھہ ڏسڻ لائق هو۔

وڪڻندڙ: ”تازيون ڀاڄيون! شاندار گوار ڦريون!“

وڪڻندڙ: ”نئين فصل جا ٻج۔“

وڪڻندڙ: ”سستو – هتي سڀ ڪجھہ سستو آهي!“

اورَسٽل جي زال پنهنجو ٽوڪرو هڪ ماڻهو جي سامهون رکيو۔ ان چڱيءَ طرح جانچ ڪئي۔

وڪڻندڙ: ”مان گھڻو سوچيو آهي۔ ڪيڙا! لاهوري گجرن کي ڪيڙو لڳل آهي!“

مايوسي سان ٿورا پيسا وٺي اورسٽل جي زال پنهنجو سامان خريد ڪيو۔ پر طیفام هڪ معجزو ڏٺو۔ هڪ سٺي ماڻهو ان جي ٽوڪري مان سڀ لاهوري گجر خريد ڪري ورتا۔ ان کي خبر نہ هئي تہ ان جي ساهيڙي انهيءَ ماڻهوءَ جي ڪري مسيحِي ٿي هئي۔ جيڪي پيسا طیفام کي مليا هئا انهن سان ان پنهنجي لاءِ سهڻا ڪپڙا وٺي ڇڏيا۔ هوءَ تمام خوش هئي۔

هو بعد ۾ وري وڪٽر سان ملي۔

طیفام: ”ڏسو، هي اهو ماڻهو آهي جنهن مون کان لاهوري گجر خريد ڪيا۔ ان جي هٿ ۾ ڪهڙي ڪتاب آهي؟“

طیفام ۽ ان جي ماءُ ماٺ ڪري بيهي رهيون ۽ ٻڌنديون رهيون تہ هو ماڻهن کي ڇا پيو چوي۔

وڪٽر: ”مون وٽ توهان لاءِ خوشخبري آهي۔ خدا توهان سان پيار ڪري ٿو ۽ توهان جي دل کي سکون ڏيڻ چاهي ٿو تہ جيئن توهان کي وري ڪڏهن بہ ڊپ نہ لڳي۔“

اورَسٽل جي زال: ”طیفام، مون کي يقين آهي تہ هي سچ پيو چوي۔“

جڏهن اورَسٽل جيڪو چڙيلن جو ڊاڪٽر هو، هن هي ٻڌو تہ ان جي زال وڪٽر جون ڳالهيون ٻڌيون آهن، تہ هن زور سان ڪاوڙ ۾ رڙ ڪئي۔

اورسٽل: ”وڪٽر توکي ڀڙڪايو آهي۔ ان تي يقين نہ ڪر۔ روحون واپس اسان وٽ اچي وينديون۔“

اورَسٽل جي زال: ”اورَسٽل، منهنجي دل ۾ هاڻي سکون آهي۔ وڪٽر جو خدا بدروحن کان بہ وڌيڪ طاقتور آهي۔“

اورَسٽل جلدي سان طیفام جا نوان ڪپڙا کنيا، انهي جي ٽڪرن سان هڪ گُڏِي بڻائي۔ ۽ تمام گھڻيون سُئيون انهي گُڏِي ۾ هڻي ڇڏيون۔

اورسٽل: ”هي وڪٽر آهي۔ ان کي مرڻو پوندو۔ ۽ اهي سُئيون اهو ڪم ڪنديون۔“

طیفام حيران هئي۔ ان جي پيءُ اڳ ڪڏهن بہ ائين نہ ڪيو هو۔

ڪير طاقتور آهي؟ چڙيلن جي ڊاڪٽر جي بددعا يا يسوع؟

اڳيون ڊرامو ٻڌو ۽ معلوم ڪريو۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، اورسٽل جي زال، طيفام، وڪڻندڙ، وڪٽر، اورسٽل

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 28, 2025, at 03:36 PM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)