Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 160 (Why does Jesus allow it 1)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

061. يسوع ان جي اجازت ڇو ڏني 1


ٽي ڀاءُ ڀيڻ اهڙا هئا، جيڪي هڪ ٻئي کان الڳ ٿي نٿا سگھن۔ ڇا توهان انهن کي سڃاڻو ٿا؟ مارٿا، هميشہ سٺن خيالن سان ڀريل ۽ ڪم ۾ مصرُوف۔ مريم، خاموش رهندڙ ۽ ٿورو شرمِيلي۔ لعزر، انهن جو ڀروسي مند ڀاءُ۔ اهي ٽيئي يسوع سان پيار ڪندا هئا۔

جڏهن يسوع پنهنجن شاگردن سان گڏ بيت عنيا ۾ آيو، تہ هو انهن سان ملڻ ويو۔

ننڍڙو گھر، اڪثر خوشگوار فضا سان ڀرجي ويندو هو، ايئن ٿيو، جو اوچتو لعزر تمام گھڻو بيمار ٿي ويو۔ مريم سندس بستر وٽ ويٺي هئي۔ بيمار ڀاءُ ڏاڍِي مشڪل سان ڳالهائيندو هو۔ هن پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون۔

مارٿا: ”مريم، هي ڳالهہ ائين نہ ٺهندي۔ يسوع ئي اهو شخص آهي، جيڪو اسان جي مدد ڪري سگھي ٿو۔ مان هينئر ئي کيس پيغام موڪلينديس۔“

پيغام وٺي وڃڻ وارا ڏاڍا ٿڪجي پر هنن خُداوند يسوع کي درياءُ يردن جي ڪناري تي ڳولي لڌو۔

پيغام کڻي وڃڻ وارو: ”يسوع جلد اچو! مريم ۽ مارٿا اسان کي موڪليو آهي۔ لعزر تمام بيمار آهي۔ جلد اچو نہ تہ هو مري ويندو۔“

يسوع انهن ٽن ڀاءُ ڀيڻن سان پيار ڪندو هو۔ پر هن انهن وٽ وڃڻ ۾ جلدي نہ ڪئي۔ هو پنهنجن شاگردن سان گڏ اتي ئي رهيو، جتي هو موجود هو۔ هن ڪجھہ ڏينهن گذرڻ ڏنا۔

يسوع: ”هلون، هاڻي اسين هلنداسين۔ لعزر سمهي ويو آهي۔ مان وڃي کيس جاڳائيندس۔“

شاگرد: ”جيڪڏهن هو سمهي ويو آهي، تہ هو جلد ئي ٻيهر ٺيڪ ٿي ويندو۔“

يسوع: ”سُمھڻ سان منهنجو مطلب ڪجھ ٻيو آھي۔ لعزر مري چڪو آھي۔“

شاگرد: ”مري ويو؟“

يسوع: ”مون کي خوشي آهي تہ مان اتي نہ هئس۔ اها ئي سبب آهي، جو توهان مون تي يقين ڪرڻ سکندا۔“

شاگردن کي اهو سمجھہ ۾ نہ آيو تہ اهو سڀ ڇا ٿي رهيو هو۔ لعزر مري چڪو هو ۽ يسوع خوش ٿي رهيو هو۔ اهڙي حالت ۾ هو ڪيئن هن تي يقين ڪن ها؟ شايد يسوع جو ائين چوڻ جو مطلب اهو تہ نہ هو تہ جڏهن ڪنهن سان ڪا خراب ڳالهہ ٿي رهي هجي تہ بہ هو هن تي يقين رکي؟

لعزر کي دفن ڪيو ويو هو۔ مريم ۽ مارٿا تمام گھڻو روئيون۔ ڪيترائي ماتم ڪندڙ ماڻهو آيا هئا۔ اهي ٻنهي ڀينرن کي تسلي ڏيڻ چاهيندا هئا۔

هاڻي مان توهان کي هڪ ننڍڙو ڪم ڪرڻ لاءِ ڏئي رهي آهيان۔ هن سوال جي جواب بابت سوچيو: جيڪڏهن يسوع توهان جي دعا جو فوري جواب نہ ڏئي ۽ توهان جي مدد نہ ڪري تہ توهان ڇا ڪندا؟

جيڪڏهن هو توهان سان خراب کان خراب ٿيڻ ڏئي تہ توهان ڇا ڪندا؟

هن سڀ جي باوجود ڇا توهان هن تي يقين ڪندا؟

ٿورو هن بابت سوچيو!

۽ ياد رکو- ايندڙ ڊرامي ۾ ڪهاڻي جاري رهندي۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، مارٿا، پيغام کڻي وڃڻ وارو، يسوع، شاگرد

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on April 01, 2025, at 03:19 PM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)