Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 034 (The most important question)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

43. سڀ کان اهم سوال


خاموشيءَ سان، شاگرد جبل تي بيٺا آهن ۽ آسمان ڏانهن ڏسي رهيا آهن۔ ڪجھہ ئي دير ٿِي، يسوع انهن سان ڳالهائي رهيو هو، ۽ اوچتو هڪ ڪڪر ۾ آسمان ڏانهن کڄي ويو ۽ انهن جي اکين کان غائب ٿي ويو۔

ساڳئي وقت، ٻہ ماڻهو اڇن ڪپڙن ۾ انهن جي سامهون بيٺل ڏسڻ ۾ آيا۔

فرشتو: ”توهان هتي ڇو بيٺا آهيو؟ يسوع وري ايندو جيئن هو آسمان ڏانهن مٿي کڄي ويو آهي۔“

يسوع وري ايندو! ڇا هيء هن جي طرفان هڪ عظيم واعدو ناهي؟

ڇوڪرِي: ”ڇا هي سچ آهي تہ يسوع وري ايندو؟“

جي ها، بائبل ۾ هن پاڻ چيو آهي: ”مان وڃي توهان لاءِ جاءِ تيار ڪريان ٿو ۽ پوءِ مان ٻيهر ايندس توهان کي وٺڻ لاءِ تہ جيئن توهان مون سان گڏ هلو ۽ هميشہ مون سان گڏ رهو۔“

ڇوڪرو: ”يسوع ڪڏهن وري اچي رهيو آهي؟“

جڏهن شاگردن بہ هن کان اهو ئي سوال ڪيو هو، تہ هن جو جواب هو:

يسوع: ”توهان لاءِ اهو ڏينهن ۽ تاريخ کي ڄاڻڻ ضروري ناهي۔ ضروري هي آهي تہ توهان مون کي وساريو نہ۔ مون تي ايمان رکو ۽ منهنجي واٽ ڏسو۔ صرف خدا اسان جو پيءُ ڄاڻي ٿو تہ مان وري ڪڏهن ايندس۔“

يسوع هي بہ چيو هو، تہ اسين ان وقت کي سڃاڻي سگھون ٿا جڏهن هو اچڻ وارو هوندو۔ هن چيو هن جي اچڻ کان اڳ، جنگيون ٿينديون ۽ زلزلا ايندا۔ جڏهن ائين ٿيندو تہ هن جي اچن ۾ گھڻي دير نہ هوندي۔

ڇوڪرِي: ”۽ يسوع ٻئي ڀيري ڪئين ايندو؟“

ڇوڪرو: ”ڪڪرن ۾، صحيح؟“

توهان سٺي نموني ٻڌو۔ هو اوچتو ايندو۔ ڪو بہ اخبار، ڪو بہ موبائل جو پيغام ان جي خبر نہ ڏيندو۔ پر هر ڪو هن کي ڏسندو۔ اهي ماڻهو جيڪي هن کي وساري ويٺا آهن ۽ هن جي بغير زندگي گذاري رهيا آهن، جيڪي چون ٿا تہ ڪو بہ يسوع ناهي۔ اهي ماڻهو گھڻو ڊڄندا۔ ۽ اهي ماڻهو جيڪي هن کي پيار ڪندا آهن ۽ هن جو انتظار ڪندا آهن، اهي تمام گھڻا خوش ٿيندا ۽ هن سان گڏ آسمان تي ويندا۔

ڇاآئون هن جي پاسي آهيان؟ ڇا توهان هن سان گڏ آهيو؟ هي اڄ تائين جو سڀ کان خاص سوال آهي۔ خدا چاهي ٿو تہ اسين سڀ فيصلو ڪريون ۽ يسوع سان گڏ آسمان تي وڃون ڇو تہ هو اسان سان پيار ڪري ٿو۔

يسوع وري ايندو! مان يقين رکان ٿي تہ هن جي اچڻ ۾ هاڻي گھڻو وقت ناهي۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، فرشتو، ڇوڪرِي، ڇوڪرو، يسوع

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 28, 2025, at 09:22 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)