Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 154 (Jesus the victor 2)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
451. فتحمند يسوع 2
شيطان چالاڪ ۽ بڇڙو آهي۔ هن کي ڪمزور نہ سمجھو۔ هو ڪا لوڪ ڪهاڻين جو ڪردار نہ آهي۔ بائبل ۾ چيو ويو آهي تہ هو شير ببر جيان ڌاڙيندو ٿو ڦري، تہ جيئن ڪنهن کي برباد ڪري سگھي۔
ٻار: ”مون ڪڏهن سوچيو بہ نہ هو تہ هو سچ ۾ ڪو وجود رکي ٿو۔“
هو خدا جو دشمن آهي جيڪو هر ممڪن ڪوشش ڪري ٿو تہ اسان خدا تي ڀروسو نہ ڪريون۔
ڇا توهان کي سندس پهرين چال ياد آهي؟
ٻار: ”هو شڪ ۽ بي يقيني جو ٻج پوکيندو آهي۔“
توهان خبردار رهو تہ هو توهان سان ائين نہ ڪري۔ هن جي جال ۾ نہ ڦاسجو۔ خداوند يسوع مسيح کان دعا ڪيو تہ هو توهان جي حفاظت ڪري۔ ڇو تہ هو شيطان تي فتح حاصل ڪري چڪو آهي۔
خدا جو پٽ شيطان جو سڀ کان وڏو دشمن هو۔ شيطان بلڪل اهوئي چاهيو ٿي تہ هو يسوع کي اسان جي خاطر صليب تي جان نہ ڏيڻ ڏئي۔ هو چاهيو ٿي تہ اسان کي روڪي تہ اسين خدا کان هميشہ جي زندگي حاصل نہ ڪريون۔ انهيءَ ڪري هو دشمني تي لهي آيو۔
شيطان: ”جيڪڏهن تون خدا جو پٽ آهين، تہ انهن پٿرن کي چئو تہ اهي مانِي بڻجي وڃن۔ جيڪڏهن تون خدا جو پٽ آهين تہ سڀ کان اُونچي مينار تان ٽپو ڏي۔ خدا توکي بچائيندو۔“
يسوع ئي فتح مند آهي! هن کي ڪا ضرورت نہ هئي تہ هو شيطان کي اهو ثبوت ڏئي تہ هو واقعي خدا جو پٽ آهي۔ ان کان پوءِ، دشمن پنهنجي ٻي چال آزمائي: هن وڏو واعدو ڪيو۔
شيطان: ”مان توکي سڄي دنيا جو اختيار ڏيندس جيڪڏهن تون مونکي سجدو ڪرين ۽ منهنجي عبادت ڪرين۔“
يسوع: ”اي شيطان! دور ٿي، ڇو تہ ڪلام ۾ لکيل آهي: تون خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪر ۽ رڳو ان جي خدمت ڪر۔“
يسوع ئي فتح مند آهي! هو رڳو هڪ جملو ٿو ڳالهائي ۽ شيطان کي ڀڄڻو ٿو پوي۔
يسوع ئي فتح مند آهي! ان ئي ڪري شيطان هن کان نفرت ڪري ٿو۔
جڏهن يسوع صليب تي ٽنگيل هو، تڏهن دشمن پنهنجو آخري هٿيار استعمال ڪيو۔
شيطان: ”جيڪڏهن تون واقعي خدا جو پٽ آهين، تہ صليب تان هيٺ لهي اچ۔“
جيڪڏهن يسوع ائين ڪري ها، تہ اسين هميشہ لاءِ وڃائجي وڃون ها۔ پوءِ اسان جي گناهن جي ڪا معافي نہ هجي ها۔ پوءِ خدا سان هميشہ جي زندگي بہ نہ هجي ها۔
پر يسوع پاڻ کي مضبوط ڪيو۔ هو فتح مند آهي! صليب تي هن گناهہ کي، موت کي ۽ شيطان کي هارائي ڇڏيو۔ سندس جيئرو ٿيڻ ان جو ثبوت آهي۔
جڏهن توهان يسوع تي يقين ڪندا آهيو، تہ توهان فتح مند جي پاسي هوندا آهيو۔
ڊڄو نہ، ڇو تہ يسوع ئي فتح مند آهي!
هميشہ هن جو نالو پڪارڻ ياد رکو! هن کان دعا ڪريو، هو توهان جي حفاظت ڪندو۔
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ٻار، شيطان، يسوع
ynamreG FEC :thgirypoC ©