STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 093 (The Kurku-promise 5)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

39. ڪُرڪُو واعدو 5


خوشيءَ سان ڀريل، رنگو ڊوڙي واپس ڳوٺ ويو۔

رنگو: ”شير مري ويو آهي! شير مري ويو آهي! اسان هن کي ماري ڇڏيو آهي!“

بٽو کي پنهنجي ڀاءُ تي فخر هو۔

بٽو: ”تون ڪمال جو آهين۔ ڇا توکي ڊپ لڳو جڏهن تون شير جو شڪار ڪري رهيو هئين؟“

رنگو: ”تمام گھڻو۔ پر مون دعا ڪئي پوءِ منهنجي دل جي ڌڙڪن ڪجھہ ٺيڪ ٿي وئي۔“

(گاڏيءَ جي آواز)

رنگو: ”هي ضرور صاحب گروُب هوندو، هو اڇو غير ملڪي، جنهن مون کي يسوع جي باري ۾ ٻڌايو هو۔“

بٽو: ”اچ تہ ڊوڙي هن ڏانهن هلون۔“

ٻہ ڀارتي ڇوڪرا اڳين ڪنڊ کان غائب ٿي ويا ۽ پوءِ انهن افراتفري ڏٺي۔ مشنري جي جيپ گپ ۾ تمام هيٺ تائين ڦاسي چڪي هئي۔ رنگو کي ڍڳن کي قابو ڪرڻو هو تہ جيئن هو جيپ کي دلدل مان ڇڪي ڪڍي سگھن۔

صاحب گروُب: ”هي ٿي ويو۔ رنگو، تنهنجي مدد لاءِ تمام گھڻي مهرباني۔ اڄ آءُ تون کي خدا حافظ چوڻ آيو آهيان۔ گھڻي وقت تائين پاڻ هڪ ٻئي کي نہ ڏسنداسين۔ هميشہ ياد رک تہ خداوند يسوع هميشہ تون سان گڏ آهي۔ ان سان هميشہ سچو رهجان ۽ اهي ڪم ڪجان جنهن سان هو خوش ٿئي۔ گناهہ توکي خوشي نہ ڏئي سگھندا۔ ڇا تون وٽ اڃا بہ اهو خط موجود آهي جيڪو خدا جي طرفان هو؟“

رنگو: ”ها، مان ان کي پنهنجي پٽڪي ۾ رکان ٿو۔“

صاحب گروُب: ”خدا جي لفظن کي پنهنجي دل ۾ رک۔ تون ان تي ڀروسو ڪري سگھين ٿو۔ اڙي ها، ياد آيو، منهنجو ننڍو باجو گُم ٿِي ويو آهي۔“

رنگو بلڪل لال ٿي ويو۔ ڇو تہ هو ئي تہ چور هو۔ هن ئي تہ اهو ساز پراڻي ڇپري ۾ لڪائي ڇڏيو هو۔ ڇا صاحب کي اِن ڳالهہ جي خبر هئي؟

صاحب گروُب: ”مون وٽ ان کي ڳولڻ جو وقت ناهي۔ ڇا تون مون لاءِ اهو ڪري سگھين ٿو؟ جيڪڏهن اهو توکي ملي، تہ مهرباني ڪري ان کي کڻي شهر ۾ ميڊم ميرِي وٽ اچجان۔ هن کي هميشہ خبر هندي آهي تہ مان ڪٿي ڪلام ٻڌائي رهيو آهيان هو مون وٽ کڻي ايندي۔“

رنگو پنهنجي ٻانهُن کي آهستي آهستي مخالف سمت ۾ ڪري پنهنجا ڪن پڪڙيا۔ اهو هڪ ڀارتي جو وعدي ڪرڻ جو طريقو آهي۔ هڪ اصلي ڪُرڪُو-وعدو۔

هو پريشاني ۾ پنهنجي گھر واپس هليو ويو۔

رنگو: ”مان هي ڇو نہ چيو تہ مان ئي چور آهيان؟ مان هڪ بزدل آهيان۔ خداوند يسوع، ڇا تون اڃا بہ مونکي ٻڌي سگھن ٿو؟ مون هڪ شيءِ چورِي ڪئي آهي۔ مونکي معاف ڪريو۔ مهرباني ڪري منهنجي گناهہ کي معاف ڪريو ۽ منهنجي مدد ڪر تہ مان اهو ڪري سگھان جيڪو ٺيڪ آهي۔“

هن معاملي ۾ ڇا ٺيڪ آهي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ رنگو کي جلد ئي خبر پئجي وئي هئي۔ ان کي اها شيءِ واپس ڪرڻي پوندي جيڪا هن چوري ڪئي هئي۔ پر هي مشڪل آهي۔ ماڻهو ان جي باري ۾ ڇا سوچيندا؟ هن هڪ ننڍڙي آواز پنهنجي دل ۾ ٻڌِي: باجي کي واپس وٺي وڃ، ۽ ورِي سڀ ڪجھہ ٺيڪ ڪري ڇڏ۔

ڇا توهان بہ هن آواز کي ڄاڻو ٿو؟ ڇا توهان کي خبر آهي جڏهن توهان چورِي ڪئي آهي تہ ڪيئن واپس سڌيءَ رستي تي اچي سگھجي ٿو؟ هن جو جواب ايندڙ ڊرامي ۾ ملندو۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، رِنگو، بٽو، صاحب گُروب

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 29, 2025, at 04:12 PM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)