STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 071 (The cast-your-cares hint)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

17. نڪتل- توهان جي پرواهہ ڏانهن اشارو


ڇا هي هڪ سٺي ڳالهہ نہ آهي تہ اسان جيون سڀ فڪرون ۽ مشڪلاتون ختم ٿي وڃن؟

ڇوڪري: ”ڪاش تہ جنگ بلڪل ختم ٿي وڃي۔“

ڇوڪرو: ”نہ ڪو حادثو ٿئي نہ ڪنهن کي ڪينسر جي بيماري ٿئي۔“

ڇوڪري: ”۽ ماءُ پيءُ جي ڪڏهن بہ علحدہ نہ ٿين۔“

ڇوڪرو: ”ڪاش تہ ڪو بہ ٻار هاڻ کان بکيو نہ رهي۔“

جيڪڏهن هي سڀ سچ ٿي وڃي، تہ ڪيترو مزو اچي ها!

ڪڏهن ڪڏهن منهنجو دل بہ ائين چاهي ٿو۔ ۽ توهان؟ پر جيئن جيئن اسين هن زمين تي زندگي گذاريندا آهيون، تہ هي سڀ خواهشون پوريون ٿيندي نظر نہ ٿيون اچن۔

پر مون وٽ توهان لاءِ هڪ خوشخبري آهي: هڪ اهڙو شخص آهي جيڪو توهان کي توهان جي فڪرن ۾ ڪڏهن اڪيلو نٿو ڇڏي۔ يسوع! مون کي هي جي ڪيئن خبر پئي؟ پطرس کان۔

بائبل ۾ پطرس جا لکيل خط موجود آهن، ۽ انهن مان هڪ ۾ هو چوي ٿو: پنهنجون سڀ فڪرون ۽ پنهنجون سڀ پريشانيون يسوع تي وجھي ڇڏيو، ڇو تہ هو توهان جي فڪر ڪري ٿو۔

پطرس هي ڳالهہ تجربي سان ڪري ٿو۔ هڪ ڀيري هن جي سس تمام گھڻي بيمار هئي۔ هو بستر تي ستل هئي ۽ کيس تمام تيز بخار هو۔ ڪو بہ علاج نہ پي لڳو۔ پطرس ۽ سندس زال همت هاري چڪا هئا۔

پر جڏهن يسوع انهن وٽ آيو، تہ انهن پنهنجي سڀ فڪرن جي باري ۾ يسوع کي ٻڌايو۔

پطرس: ”يسوع، اسان جي مدد ڪريو، منهنجي سس تمام گھڻي بيمار آهي۔ اسان کي ان جي تمام گھڻي فڪر آهي۔“

يسوع اسان جي ننڍي وڏي سڀ مشڪلاتن کي سمجھندو آهي ۽ خوشيءَ سان اسان جي مدد ڪندو آهي۔

بائبل ۾ هي چيو ويو آهي: يسوع ان بيمار عورت جي کٽ ويجھي ويو ۽ ان کي هٿ سان جھليو۔ هن اُن عورت کي بيهارڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ان جو بخار ان وقت ئي لهي ويو۔ هڪ ئي لمحي ۾ هوءَ ٺيڪ ٿي وئي۔ هوءَ وري تندرست ٿي وئي ٻيو تہ خير هن عورت انهي مهل اتي موجود سڀ ماڻهن لاءِ کاڌو بہ تيار ڪيو۔

ڇا توهان کي بہ فڪر آهن؟ يسوع سان انهي جي باري ۾ ڳالهہ ڪريو۔ هو توهان جي دعا کي ٻڌندو آهي۔ ٿي سگھي ٿو تہ هو توهان جي مدد ايترو جلد نہ ڪري جيترو جلد هن پطرس جي مدد ڪئي۔ پر هي ياد رکو تہ يسوع ڪڏهن بہ دير نہ ڪندو آهي، ها اڪثر اسان کي ان جي جواب جو انتظار ڪرڻو پئجي سگھي ٿو۔

۽ پطرس جو سٺو مشورو هميشہ ياد رکو۔

پطرس: ”پنهنجي سڀ فڪرون يسوع تي رکي ڇڏيو، ڇو تہ هو توهان جي فڪر ڪري ٿو۔“


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ڇوڪرِي، ڇوڪرو، پطرس

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 29, 2025, at 08:31 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)