Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 100 (Join us)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

001. اسان سان گڏ شامل ٿيو


مريم گائڻ جو ڪورس ڪري رهي آهي۔ ٽينا پنهنجي موڪلن ۾ گھوڙي جي سواري جو ڪورس ڪرڻ واري آهي۔ متي ڪاميابي سان جُوڊو جو ڪورس مڪمل ڪري ورتو آهي۔

۽ مان توهان کي سڀ کان بهترين ڪورس ڪرڻ جو مشورو ڏيندس يعني بائبل جو ڪورس۔

هي تمام بهترين آهي ۽ ان جي ڪا بہ قيمت ناهي۔ توهان کي ڳجھارتون ملنديون؛ توهان سوالن جا جواب ڏئي سگھو ٿا ۽ معما حل ڪري سگھو ٿا۔ ۽ هڪ ئي وقت ۾ توهان خدا ۽ پنهنجي باري ۾ گھڻو ڪجھہ سکندا!

مسي: ”مان حصو وٺڻ چاهيندس۔ مون کي هي بائبل جو ڪورس ڪٿان ملندو؟“

مون کي لکي موڪليو ۽ مان توهان کي هي ڪورس موڪليندس۔ مان توهان جي خواهش جو انتظار ڪنديس۔

يشوع اڳ ۾ ئي هي ڪورس وٺي چڪو آهي ۽ پنجي حصي تائين سڀ جواب ڏئي چڪو آهي۔

يشوع: ”هي تمام مزيدار هو ۽ بلڪل بہ بور ڪرڻ وارو نہ هو۔“

مسي: ”مون کي لڳي ٿو جيڪڏهن مان پنهنجو نالو ڪورس لاءِ نہ لکرايو تہ منهنجي هٿ مان هي موقعو نڪري ويندو۔“

منهنجو بہ اهو ئي خيال آهي۔ توهان لاءِ سڀ کان بهترين هي هوندو تہ توهان اڄ ئي پنهنجو نالو هن بائبل ڪورس کي وٺڻ لاءِ موڪليو۔

توهان هينئر ئي هي شروع ڪري سگھو ٿا۔

ممڪن آهي تہ توهان جا دوست بہ هن ۾ حصو وٺڻ چاهين، انهن کان بہ پڇو۔ ۽ پوءِ توهان سڀ هي ڪورس گڏجي وٺي سگھو ٿا۔

ڇا توهان ڄاڻو ٿا تہ اهو ڪير هو جيڪو رڳو ٻارهن سالن جو هو ۽ بائبل جي باري ۾ تمام گھڻو ڄاڻندو هو ۽ ان حد تائين جو هن وڏن کي بہ حيران ڪري ڇڏيو هو؟ اهي ان جي سوالن کي ٻڌي دنگ رهجي ويا ۽ ان جي جوابن تي بہ۔

هي واقعو 0002 سال اڳ يروشلم ۾ هيڪل ۾ ٿيو هو۔

تہ، هاڻي ٻڌايو اهو ڪير هو؟

ممڪن آهي توهان ان جو نالو سڃاڻي سگھو۔ هي يسوع هو، خدا جو پٽ۔

بائبل ڪورس جي ذريعي، توهان ان کي ۽ ان جي لفظن کي بهتر طور تي ڄاڻي سگھو ٿا۔

بائبل ڪورس ۾ حصو وٺو، ۽ توهان بائبل جي باري ۾ گھڻو ڪجھہ ڄاڻي سگھندا۔ ۽ بائبل پڙهندڙ بہ وڌيڪ ڄاڻي سگھندا۔

مسي: ”ضرُور آءُ ڪورس وٺندس!“

ڇا توهان بہ؟ اسان کي توهان جي آرڊر جو انتظار رهندو۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، مسي، يشوع

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 29, 2025, at 04:55 PM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)