Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 037 (Jumping with joy at 15.00 o'clock)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

73. ٽئين وڳي خوشيءَ سان ٽپ ڏيڻ


مرد: ”هيءَ تہ ناممڪن آهي!“

عورت: ”ها، هي ٿي سگھي ٿو! ڏسو! هو هلڻ لڳو آهي۔“

مرد: ”شايد هي ان جو هم شڪل هجي۔“

عورت: ”مون کي پڪو يقين آهي تہ ساڳيو ئي آهي۔ هو ڏاڍو خوش آهي جو خوشيءَ ۾ ٽپا ڏئي رهيو آهي۔“

هي سچ آهي۔ هو هليو ۽ ٽپا ڏنا ۽ خدا جي حمد ڪئي۔ ماڻهو هن کي ڏسندا ئي رهيا ۽ پطرس کي بہ۔

پطرس: ”توهان اسان کي ائين ڇو ڏسي رهيا آهيو، جيئن اسان هن اڌرنگي ماڻهو کي هلڻ لائق ڪيو آهي؟ هي ڪم يسوع ڪيو آهي! ان جي نالي تي يقين رکجي، تہ معجزا ٿي سگھن ٿا۔“

عام ڏينهن وانگر، ڏينهن جي شروعات ٿِي۔ منجهند جو پطرس ۽ يوحنا هيڪل ۾ ويا۔ هي انهن جي عادت هئي، هر روز 3 وڳي هيڪل ۾ وڃي دعا ڪندا هئا۔ توهان ڪڏهن دعا ڪندا آهيو؟

هيڪل ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ انهن کي روڪيو ويو، هڪ اڌرنگي فقير انهن جي اڳيان هٿ وڌايو:

اڌرنگي مرد: ”مون کان مٽي اڳتي نہ وڃو! مون تي قياس ڪريو! مهرباني ڪري مون کي پئسا ڏيو۔“

پطرس ۽ يوحنا فقير کي ڏٺو ۽ پطرس چيو:

پطرس: ”سون ۽ چاندي تہ مون وٽ ڪونهي۔ آئون امير نہ آهيان۔ پر جيڪو مون وٽ آهي، آئون تون کي ڏيان ٿو: خداوند يسوع مسيح جي نالي ۾ اٿ ۽ گھم ڦر۔“

پوءِ پطرس هن جو هٿ جھلي هن جي مدد ڪئي ۽ هن کي بيهاريو۔ معجزو ٿي ويو۔ ان وقت ئي هن ماڻهو جي جوڙن ۽ پيرن ۾ طاقت اچي وئي ۽ ٽپو ڏئي بيهي رهيو ۽ هلڻ لڳو۔

هن مرد کي يقين نہ ٿي آيو۔ هو وري صحت مند ٿي ويو هو! هو هلڻ لڳو ۽ ٽپا ڏئي خدا جو شڪر ڪرڻ لڳو۔ خوشيءَ ۾ هن خدا جي حمد ڪئي، ۽ جنهن جنهن انهي کي ڏٺو، ائين ئي ڪيو۔

يسوع توهان جي زندگيءَ ۾ معجزا ڪرڻ چاهي ٿو؛ ان تي ڀروسو ڪريو۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، مرد، عورت، پطرس، اڌرنگي مرد

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 28, 2025, at 09:38 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)