STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 005 (God loves you)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

5. خدا اوهان سان پيار ڪري ٿو


سلام! هِي سُٺِي ڳالهہ آهي تہ توهان ٻڌي رهيا آهيو! ڀليڪار!

اڄ توهان خوش آهيو يا اُداس؟ توهان اڪيلائي محسوس ڪريو ٿا يا توهان کي ڏپ لڳي ٿو؟ توهان ٺيڪ آهيو يا بيمار؟

مون کي خبر ناهي تہ توهان ڪئين آهيو، پر مون وٺ توهان کي ٻڌائڻ لاءِ هڪ مزيدار ڳالهہ آهي: خدا توهان سان پيار ڪري ٿو! توهان جيهڙا بہ آهيو هُو توهان سان پيار ڪري ٿو! جڏهن جيئري خدا زمين ۽ آسمان کي ٺاهيو، هُو انهي مهل توهان جي باري ۾ بہ سوچي رهيو هو۔ هُو اوهان جي لاءِ جام خوش هو اڃان اوهين پيدا بہ ڪانہ ٿيا هئا۔

(هِتي خدا جي پيار جي باري ۾ گيت شامل ڪريو يا وري ڪو ڇوڪرو يا ڇوڪرِي انهي کي وڏي آواز سان پڙهي ۽ پويان ساز بہ وڄايا وڃن)

گيت: يسوع ننڍڙن ٻارن سان پيار ڪري ٿو، دنيا جي سڀنِي ٻارن سان!
ڳاڙها ۽ پيرا، ڪارا ۽ اڇا،
اهي سڀ هن جي نظر ۾ قيمتي آهن!
يسوع دنيا جي ٻارن سان پيار ڪري ٿو!

يسوع سڀنِي ٻارن جي ڪريَ پنهنجي جان قربان ڪئِي، دنيا جي سڀنِي ٻارن جي ڪريَ!
ڳاڙها ۽ پيرا، ڪارا ۽ اڇا،
اهي سڀ هن جي نظر ۾ قيمتي آهن!
يسوع دنيا جي ٻارن سان پيار ڪري ٿو!

يسوع دنيا ۾ هر ڪنهن سان پيار ڪري ٿو۔ وڏن ۽ ننڍن کي۔ انهي ڪري اُن وٽ هر ڪنهن لاءِ هڪ عجب تحفو آهي۔ اسان هن جي باري ۾ بائبل ۾ پڙهيو آهي:

”ڇو جو خدا دُنيا سان ايترو تہ پيار ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي فرزند ڏنو تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس دائمي زندگي ملي۔“ (يوحنا 3:61)

خدا جو پيار ڏاڍو ڀلو آ۔ هن زمين تي پنهنجو فرزند ڏنو هو تہ هُو اسان جي گناهن جي لاءِ پنهنجي جان ڏي۔ يسوع کي دفن ڪيو هو، پر ٽن ڏينهن کان پوءِ، خداوند يسوع موت تي جيت ماڻي جي اُٿيو۔ ۽ هاڻي هو توهان کي سڏي ٿو تہ مون خداوند يسوع تي ايمان آڻيو جيڪو توهان کي بچائي سگھي ٿو ۽ خدا تي پڻ۔

خدا جي آواز: ”مون دائمي شفقت سان اوهان سان پيار ڪيو آهي، جيڪو هميشہ قائم وَ دائم رهندو۔“ (يرمياہ 13:3)

ڇا توهان يسوع جو سڏ قبول ڪندا؟ توهان کي خوشي ملندي ۽ توهان کي هاڻي ڍڄڻ جي ضرورت ناهي۔ خدا هميشہ توهان ساڻ آهي۔ هن جو پيار ڪڏهن ختم نٿو ٿئي۔ ڇا توهان جي دوستن کي هِن ڳالهہ جي خبر آهي؟ انهن کي ٻڌايو تہ خدا هنن سان بہ پيار ڪري ٿو۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، خدا جي آواز

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 27, 2025, at 09:36 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)