Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 062 (Finally at the goal 2)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

26. آخرڪار منزل تي 2


اوڀر کان آيل مجوسي مايوس ٿي يروشلم کان بادشاهہ جي محل مان روانا ٿيا۔ هي اها جاءِ هئي جتي انهن نئين پيدا ٿيل بادشاهہ يسوع کي ڳوليو۔ اهي ان لاءِ آيا هئا تہ سندس حمد ڪري سگھن ۽ سڀني کي ڏيکاري سگھن تہ هو انهن جي زندگين جو مالڪ آهي۔

پر هو انهن کي يروشلم ۾ نہ مليو۔ جڏهن اهي شهر مان نڪتا تہ اونڌهائي ٿي چڪي هئي۔

پيهريون مجوسي: ”هيروديس بادشاهہ ايترو اداس ڇو هو؟“

ٻيو مجوسي: ”۽ هو ڇا جي لاءِ هي ڄاڻڻ چاهي رهيو تہ تارو ڪڏهن نظر آيو هو؟“

پيهريون مجوسي: ”هو رهيو وري! اهو تارو جنهن اسان کي ٻڌايو تہ يهودين جو بادشاهہ پيدا ٿيو آهي۔“

بابل مان آيل اهي مجوسي تمام خوش ٿيا جڏهن انهن تاري کي ڏٺو۔

غور ڪريو! تارو آسمان ۾ انهن جي اڳيان اڳيان هليو ۽ انهن کي بيت لحم جو رستو ڏيکاريو۔

اهو تارو هڪ خاص گھر جي مٿان وڃي بيٺو۔ ڇو تہ ان گھر ۾ مريم ۽ يوسف ننڍڙي ٻار يسوع سان گڏ رهندا هئا۔

اهي اتي رهندا هئا ۽ مردم شماري کانپوءِ جڏهن سڀ ماڻهو واپس هليا ويا تہ انهن کي رهڻ لاءِ گھر ملي ويو هو۔

۽ هاڻي اهي مجوسي پنهنجي ڳولا مڪمل ڪري ان جاءِ تي پهچي چڪا هئا۔

اهي گھر اندر ويا ۽ مريم ۽ يوسف کي ڏٺو۔ ۽ انهن پنهنجي اکين سان ان ٻار يسوع کي ڏٺو، اهو بادشاهہ جنهن کي خدا موڪليو هو۔

خوشي سان انهن يسوع کي سجدو ڪيو ۽ هن جي حمد ڪئي۔

اهي هن جا ماڻهو ٿيڻ چاهيندا هئا؛ هو انهن جو بادشاهہ ۽ انهن جي زندگين ۾ حڪومت ڪرڻ وارو هو۔

ڇا يسوع توهان جو بہ بادشاهہ آهي؟ ڇا هن کي هي اجازت آهي تہ هو پُوري زندگي توهان جي راهنمائي ڪندو رهي؟

توهان جي ۽ منهنجي لاءِ پوري دنيا ۾ هن کان وڌيڪ سٺي ٻي ڪا ڳالهہ ناهي تہ يسوع اسان جي زندگين جو بادشاهہ هجي۔

مجوسين هن کي قبول ڪيو۔ انهن پنهنجا تحفا کوليا- اهي تمام شڪر گزار هئا! اهي هميشہ جي بادشاهہ لاءِ سون، مر ۽ لبان کڻي آيا هئا۔

سڀ کان قيمتي تحفو جيڪو اسان کي هن کي ڏيڻ گھرجي اهو اسان جيون زندگيون آهن۔ جيڪو بہ پنهنجي زندگي يسوع کي ڏيندو ان کي وڏو انعام ڏنو ويندو۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ٻہ مجوسي

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 29, 2025, at 07:32 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)