Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
Spotify Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 012 (Joy that never leaves us)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

21. نہ ختم ٿيندڙ خوشي


رات جي وقت آسمان تارن سان ڀريل هو۔ قصبي ۾ بہ جام اونداهہ هو۔ ٻاهر ميدان ۾ ڌراڙ پنهنجي رڍن جي حفاظت ڪري رهيا هئا۔ هي هڪ ڏکيو ڪم هو۔ پر هنن جي ايتري عزت نہ هئي۔ ماڻهون هنن سان ائين نفرت ڪندا هئا جئين ڌاڙيلن سان ۽ چورن سان ڪندا آهن۔

ڇا انهن جي مدد ڪندڙ يا انهن کي بچائڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هو؟ ڇا انهن قبول ڪري ورتو هو تہ هو ٻين ماڻهن ۾ بالڪل گھٽ عزت وارا آهن؟

هو ٿڪيل هئا ۽ وڻ جي ٿڙ سان ٽيڪ لڳائي ويٺا هئا۔ پر اوچتو هو سڀ اُٿي ويا۔ آڌي رات اوچتو انهن تي سوجھرو ٿيو۔ تيز روشني جي ڪري انهن پنهنجي اکين کي لڪايو تہ جيئن هو سٺي طرح ڏسي سگھن۔ ۽ هو تمام گھڻا ڊڄِي ويا هئا۔

خدا جو پيغام ڏيڻ وارو، هڪ فرشتو، آسمان کان زمين تي انهن وٽ آيو، ڌراڙ غور سان فرشتي کي ڏسڻ لڳا جيڪا آسمان مان آيو هو۔

فرشتو: ”ڊڄو نہ! آئون اوهان کي هڪ وڏي خوشي جي خبر ڏيان ٿو جنهن سان هر ڪو خوش ٿي ويندو۔ اڄ داؤُد جي شهر ۾ اوهان لاءِ هڪڙو بچائڻ وارو ڄائو آهي، جيڪو مسيح آهي ۽ اسان جو مالڪ آهي، اوهان جي لاءِ هڪ نشان آهي تہ اوهين هڪ ٻارڙي کي ڪپڙي ۾ ويڙهيل ۽ آهر ۾ پيل ڏسندا۔“

ڌراڙن غور سان ٻڌو، هڪ بچائڻ وارو! انهن جا دل خوشي سان ڀرجي ويا، خدا انهن کي وساريو نہ هو۔

۽ پوءِ آسمان ۾ گھڻائي فرشتا هن معجزي جي باري ۾ خدا جي حمد ڪرڻ لڳا تہ بچائڻ وارو پيدا ٿيو آهي۔

ڌراڙ گدام ڏانهن ويا ۽ مريم، يوسف ۽ ٻالڪ يسوع جي ڳولها ڪئي۔ هو ڏاڍا خوش هئا جڏهن انهن يسوع کي ڏٺو جيڪا انهن کي بچائڻ وارو هو۔

هي بہ سچ آهي تہ بچائڻ وارو اوهان لاءِ بہ پيدا ٿيو هو۔ مالڪ يسوع کي چئو تہ هُو توهان جي زندگي ۾ اچي، ۽ توهان کي اهڙي خوشي ملندي جيڪا ڪڏهن توهان سان ڌار نہ ٿيندي۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، فرشتو

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 27, 2025, at 10:06 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)